• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نظم

اقبال هاليپوٽو

سينيئر رڪن
فاصلا اڃان به وڌائڻ گهرجن؟
اقبال هاليپوٽو

سارنگ گهٽائون ڪيون آهن يا
تو پنهنجي وارن کي کولي ڇڏيو آهي؟
دلا به اڃ جي پياس کي پيئڻ ٿا چاهين
ڪير ويهي ماضي سان ليکا ڪري
هر ايندڙ ڏينهن
تنهنجي وارن جي ورن ۾ وڃائبو وڃي
۽ پاڇي ۾ رڳو
تنهنجي جهيڻين اکين جا خواب بچن ٿا.
چهري جا گهنج،
وارن جو چاندي ٿيڻ،
وقت جي پيرن ۾ زنجيرون
نه وجهي سگهڻ جو ڏک،
۽ پنهنجي وچ ۾ موجود
فاصلي کي
ڪنهن به ماپ سان نه ماپي سگهڻ
جي احساس کي،
مون تنهنجي مرڪ جيان
ماضي جي ڪٻاڙ خاني ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي!
پر اڄ وري به،
سارنگ گهٽائون ڪيون آهن
يا شايد تو پنهنجي وارن کي کولي ڇڏيو آهي!.
photo.php
 
Back
Top