مانوارا سائين رشيد سمون صاحب ۽ سنڌ سلامت تي موجود دوست، جن محنت ڪري هي سنڌي ويب سائيٽ ٺاهڻ سان گڏ ان کي بهتر کان بهتر ڪرڻ لا ء مختلف طريقن سا ڪو ششون وٺي رهيا آهن۔ سنڌي ڪيلنڊر به انهن ڪاوشن مان هڪ آهن۔ اسانکي اميد آهي ته هو پنهنجي ڪوششن ۾ ڪامياب ويندا. مان سائين رشيد صاحب ۽ ٻين دوستن جوٿورائتو آهيان جن مونکي به ياد ڪري هڪ انمول تحفو موڪليو، و ڌيڪ آء سائين جن سان اهو و چن ٿو ڪريان ته سائين هي عاجز به سنگت سان ساٿ ڏيڻ لاء حاضر آهي پر وقت جي ڪمي سبب ڪجهه رعايت جو طلبگار آهي .بهرحال سهڪار لاء هر ممڪن ڪوشش ڪبي وڌيڪ الله پاڪ مدد ڪندو۔۔۔۔ دعائن ۾ ياد۔
جواب: سنڌسلامت ڪيلينڊر موڪلڻ لا ء مهرباني۔ ادا حد ٿي وئي منهنجي دڪان تي لڳل آخري ڪيلنڊر به منهنجو پيارو دوست زوري ڦر ڪري فرار ٿي ويو ۔۔ هاڻي ڇا ڪجي۔۔۔ ڪمپيوٽر تي سافٽ ڪاپي ڏسي پاڻ کي پيو خوش ڪريان۔۔
جواب: سنڌسلامت ڪيلينڊر موڪلڻ لا ء مهرباني۔ ادا شبير جتوئي شال جُڙيو هُجين۔ مٺا لک لائق جو توهان کي اسان جي سنڌ سلامت جي هي خوبصورت سوکڙي سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2010ع پسند آيو، پيارا ادا اسان جا ڪافي سارا کاهوڙي دوست آهن جن سنڌ سلامت جي هن ڪئلينڊر واري اهم ترين ڪم کي پايهءِ تڪميل تائين پهچايو، ادا عبدالرشيد سمون ان سلسلي ۾ هڪ اهڙو سرواڻ ثابت ٿيو جنهن جو مثال ملڻ تمام مشڪل آهي۔ الله سائين کيس اڃان به سنڌ ڌرتيءَ جي خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان جا مفيد مشورا اسان لاءِ مشعل راهه ثابت ٿيندا۔
جواب: سنڌسلامت ڪيلينڊر موڪلڻ لا ء مهرباني۔ مست جاني اها به سمي صاحب جي مهرباني آهي جو ڪيلنڊر جي سوفٽ ڪاپي اويليبل ڪري ڏني اٿائون
جواب: سنڌسلامت ڪيلينڊر موڪلڻ لا ء مهرباني۔ جتوئي ادا اوهان کان اها ئي اميد آهي ته ساٿ نڀائيندا رهندا اهو اسان جو قومي فريضو به آهي