• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري احساس

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
نثري احساس
سائل مهراڻ
اي اقتڌار جا ڌڻي
تون اي سي کي ڇڏي
ٻاهر ڪجهه گڙيون وهي ته ڏس
تون هيليڪاپٽرن کي ڇڏي
پيرين اگهاڙو تتل واري گهمي ته ڏس
تون روز ملن واٽر پئين ٿو
پر ڪاڇي، ٿر جي کاري پاڻي
جو هڪ گلاس پي ته ڏس
تون روز عرق گلاب ۾ وهنجين ٿو
هڪ رو سٺ پرهه اونهن کوهه
مان پاڻي ڪڍي ته ڏس
تون روز نوان جوڙا پهرين ٿو
پر اڌ ڪلاڪ لاءِ چتيون لڳل ڪپڙا پهري ته ڏس
تون روز عنطر عنبير لڳائين ٿو
پر هڪ ڏينهن ميرا ڪپڙا پهري ته ڏس
تون سياري ۾ گرم جڙسيون پائين ٿو
پر هڪ رات بنا سوڙ جي گذاري ته ڏس
تون روز ڳائيڻن جون محفلون ٻڌين ٿو
پر هڪ رات ڪاڇي، ٿر، ڪوهستان
جي سگهڙن جون ڪچهريون ٻڌي ته ڏس
تون ڪرڪٽ، هاڪي، فٽبال جو تماسائي بڻجي ٿو
پر ڪاڇي جي ملهه ، ڪوڏي ڪوڏي
ونجهوٽي جو تماسائي بڻجي ته ڏس
اي اقتڌار جا ڌڻي
ڪجهه اکيون کول
هن پٺ ته پيل علائقن جو دورو ڪري ته ڏس
10636315_1542654359291021_8931741613945460415_n.jpg
 
Back
Top