ٽئگور ڇڏي ڏي اھي ڀڄن ڳائڻ، منتر آلاپڻ ۽ تسبيح سورڻ ! سڀ در بند ڪري، مندر جي ان اڪيلي ۽ اونداھين ڪنڊ ۾، تون ڪنھن کي پوڄين پيو؟ پنھنجون اکيون کول ۽ ڏس، تنھنجو خدا تنھنجي سامھون آھي ئي ڪونه! ھو اتي آھي جتي ھاري سخت زمين کي کيڙي رھيو آھي ۽ جتي سڙڪ ٺاھيندڙ پورھيت پٿرن کي ڪٽي رھيو آھي. ھو انھن سان ساڻ آھي اس ۾ به مينھن ۾ به، ۽ سندس لٽا به مٽيءَ سان ڀڀوت آھن. پنھنجي اھا پوڄا واري پاڪ الفي لاھه ۽ بلڪل ھن وانگيان ڌڌڙ ۾ لھي اچ! مڪتي؟ ڪٿي ملندي آھي اھا مڪتي؟ اسان جي ڀتار پنھنجي خوشيءَ وچان پاڻ، تخليق جا ٻنڌڻ پنھنجي مٿان مڙھيا آھن. ھو اسان سڀني سان ھميشه ھميشه لاءِ جڪڙيل آھي. پنھنجي ذڪر ۽ عبادت کان ٻاھر نڪري آءُ، ۽ پنھنجي گلن ۽ واس کي پاسي ڪر. ڀلا ڪھڙو ھرج ٿيندو جيڪڏھن تنھنجا، لٽا ليڙون ٿيا ۽ داغ لڳي پين ھن سان مل ۽ ھن سان گڏجي پورھيو ڪر ۽ پگھر ڳاڙ