شڪرگذاري1 شڪر الحمد الله آءُ گهمي سگهانٿو جڏهن ته ڪيترا ماڻهون آهن جن هڪ قدم نه کنيو آهي. شڪر الحمد الله آءُ ڏسي سگهانٿو، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن لئه هي ڪائنات انڌو کوهه آهي. شڪر الحمد الله آءُ سهڻا ساز ۽ آواز ٻڌي سگهانٿو، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن پنهنجي پوري زندگي خاموشيءَ ۾ گذاري ڇڏي آهي. شڪر الحمد الله منهنجي دل تي ضرب لڳي آهي، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن جون دليون سخت ۽ ڪومل احساسن کان خالي آهن. شڪر الحمد الله آءُ آزاديءَ سان گهمي ڦري ۽ پنهنجي ڳالهه چئي سگهانٿو، جڏهن ته ڪيترا ماڻهون مستقل خوف ۾ رهنٿا. شڪر الحمد الله آءُ پيار ڪيو وڃانٿو، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن کي ڪنهن پيار ڀري هڪ نظر سان به نه ڏٺو آهي. شڪر الحمد الله آءُ ڪم ڪري سگهانٿو، جڏهن ته ڪيترا ماڻهون ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي جيئرا آهن. شڪر الحمد الله آءُ ان قابل آهيان ته ٻين جي مدد ڪري سگهان، جڏهن ته ڪيترا ماڻهون ان قابل به ناهن جو هو پنهنجي مدد پاڻ ڪري سگهن. شڪر الحمد الله مون وٽ سنڌ سلامت جهڙا ساٿي ۽ دوست آهن، جڏهن ته ڪيترن ماڻهن کي هڪ به ناهي.
جواب: شڪرگذاري شڪر الحمد الله سائين الله سائين جا لکين احسان اسان تي آهن شڪر الحمدالله جو توهان جهڙو محسن اسان جو ساٿي آهي
جواب: شڪرگذاري ادا فقير عزت افزائي ڪرڻ جي مهرباني ۔۔۔ دوستن جي دوستيءَ جي قابل ٿي وڃڻ به پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو مان ۽ مرتبو آهي ۔۔۔
جواب: شڪرگذاري سائين قبلا اوهان دوستي جي قابل نه پر دلين تي راڄ ڪرڻ واري شخصيتن ۾ شامل آهيو۔ بادشاه تي مهرباني ڪانهي جو مان انجي خدمت ڪيان ٿو ليڪن بادشاه جو احسان آهي جو ان مونکي پنهنجي خدمت لاء منتخب ڪيو ان مثال وانگر اوهان ته محبوب شخصيت آهيو هر دلعزيز آهيو اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو اوهان اسان جهڙن اڀرن سڀرن کي به خنده پيشاني سان جواب جي عنايت ڪيو ٿا شال سدا آباد هجو۔ تمام بهترين سبق آموز ليڪچر آهي فَبِاَي آلآء رَبِڪُمَا تُکَذِبَانِ جو درس سمايل مضمون آهي انسان کي الله جي هر نعمت ياد ڪري مالڪ مٺي جو هر وقت حمد ۽ شڪر ڪرڻ گهرجي۔
جواب: شڪرگذاري دوست رحيم بخش! چڱا ڪن چڱايون ۔۔۔ اوهين پاڻ چڱا آهيو انڪري اوهانکي هر ماڻهون سهڻو نظر اچي ٿو ۔۔۔ باقي گنهگار ته هر ڪو آهي ۔۔۔ دوست! ڪٿي مون پڙهيو هو ته سڀ کان وڏي عبادت آهي ” شڪرگذاري“ اهو انسان جيڪو پنهنجي رب جو شڪرگذار ناهي هو چاهي ڪيترو به امير ڇونه ٿي وڃي ۔۔۔ هو چاهي ڪيتريون به عبادتون ڇونه ڪندو هجي پر هو غريب ۽ گنهگار ئي رهندو ۔۔۔ انسان جيستائين پنهنجي وجود ۾ شڪرگذاريءَ واري جذبي کي نه جاڳائيندو تيستائين مومن جي درجي تي پهچي نه سگهندو ۔۔۔ والله عالم ۔۔ رب العالمين اوهان جهڙن دوستن جي صحبت نصيب فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: شڪرگذاري دوست طاهر! مهرباني اوهانجي جو دعائن ۾ شامل ٿيا ۔۔۔ پر يار! ڪر خبر ته اوهين ايترا ڏينهن هئا ڪٿي؟ ۽ ڪهڙيون مصروفيتون هيون؟ ۔۔۔ اسين ته ياد ڪندا رهياسون ۔۔۔ ٻيلي ڀيرو ڀڃندا ڪيو ۽ جي ڪا مصروفيت هجي ته دوستن کي اطلاع ڪندا ڪريو ۔۔۔ ڇاڪاڻ اڱڻ جو ڪو دوست ڪجهه عرصي لئه گم ٿو ٿئي ته ڳڻتي وٺيو وڃي ته الله خئير ڪريس ۔۔۔خئير دعائن ۾ گڏ 8-}
جواب: شڪرگذاري ها قبلا سائين شڪر ڪرڻ ۾ حقيقت ۾ ٻانهي جو فائدو آهي الله تعالي قرآن ٻاڪ ۾ فرمائي ٿو لان شڪرتم لازيدنڪم اگر توهان شڪر ڪندو ته توهان کي نعمت وڌائي ڏيندس۔ پوء ڇونه ان مالڪ مٺي جا شڪر بجا آڻجن جيڪو ساراه جي لائق آهي سندس شڪر ڪري سندس ذات اعلي صفات کي به راضي ڪيون ۽ پنهنجو به فائدو حاصل ڪيون۔
جواب: شڪرگذاري مٺا سائين گهڻو مصروف ٿي ويو هوس يونيورسٽي ۾ امتحان به قريب آهن اڃان به هڪ هفتو ان ڪري غائب ٿيڻو آهي وري ملندا سون ان شاء الله لک لائق
جواب: شڪرگذاري اسانجون دعائون ۽ نيڪ خواهشون اوهان سان گڏ، پنهنجو خيال ڪجو ۽ امتحان کي امتحان جهڙي اهميت ڏئي سرخرو ٿجو ۔۔۔ رب العالمين اوهانکي هر امتحان مان ڪاميابي سا پار اڪاري۔۔۔ آمين