• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مومل راڻو جيئن ايندي ئي موٽئين، وڏي جاڙ ڪئاءِ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10698688_10204431607648466_7513601947329896806_n.jpg


جيئن ايندي ئي موٽئين، وڏي جاڙ ڪئاءِ
وَرُ نه هُئين ؟ وَلَهَا ! هُوندَ جَٽي مون جاڳاءِ
ته سُتي جي ساڃاءِ، سوڍا! سگهيائي ٿيئي.


سر مومل راڻو

جَاڙَ = جٺ، ڀُلَ، ظلم، قهر ۽ غفلت. لفظ جاڙ اصل سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ جاڊيه مان ورتل آهي.
وَرُ = ڪانڌُ، مُڙسُ
وَلَهَا = ڀَتارُ
جَٽي = جهٽ، گهڙي پل
ساڃاءِ = سڌ سماءُ، خبرَ، ڄاڻَ، معلومات، پَرُوڙ. ساڃاءِ لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ سنجيا مان ورتل آهي.

بيت جو منظر

او راڻا تون اڃان پهتو ئي مس هئين ته ساڳين پيرن تي موٽي وئين. تو وڏو مون سان ظلم ڪيو، قهر ڪيو ڇو؟
تون منهنجو مڙس نه هُئين ڇا؟ جهٽ ترسي، ڪا گهڙي پل بيهي مون کي ننڊ مان جاڳائين ته هان
ته جيڪر ستت ئي توکي خبر پئجي وڃي هان ته مون سان گڏ بستري تي ڪير ستل هو؟

سمجهاڻي

مومل پنهنجي وڏي ڀيڻ سومل کي راڻي جو ويس ڍڪائي پاڻ سان گڏ سمهاريو هو. راڻو مومل کي ٻئي مرد سان گڏ ستل ڏسي پهرئين ٻنهي کي مارڻ چاهيو پر پوءِ پنهنجو لڪڻ رکيهليو ويو.
ڀٽائي هن بيت ۾ سمجهاڻي ٿو ڏئي ته هميشه زندگيءَ جا فيصلا ڳوڙهي سوچ ويچار، سمجهه، عقل ۽ شعور سان ڪندا ڪيو. جلدي ۽ تڪڙ ۾ ڪيل فيصلا نقصان ڏئي سگهن ٿا.

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top