• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ٻوليءَ جي تحريڪ؛

اڳي فيسبڪ تي سنڌي لکو تحريڪ هلي هئي، مان به ٻه ڀيرا سنڌي ٽائيپنگ جي ڪوشش ڪري ڇڏي ڏني هئي نيٺ ٽيون ڀيرو سنڌي ٽائيپنگ جي ڪوشش ڪري سنڌي لکڻ سکي ويس، وري مون اهو چاهيو ته هاڻي نج سنڌي لفظ لکڻ جي تحريڪ هلڻ گهرجي جيئن اهي اسانجي سنڌي ٻوليءَ جا نج لفظ ڊڪشنريءَ تائين نه هجن پر پڻ اسان جي زندگين ۾ به اچي وڃن، جيڪو دوستن کي شايد هيانءَ تي بار ٿو لڳي ته نج سنڌي لفظن جو استعمال ڪيئن ٿيندو. توهان جيڪي به سنڌي ڪتاب، سنڌي مضمون ۽ سنڌي شاعري پڙهي ڏسو ته ان ۾ توهان کي نج سنڌي لفظن جو واهپو نظر ئي نه ايندو جيڪو وڏي ڳڻتيءَ جوڳو ڪم آهي. دنيا جون ٻوليون لسائي (فصاحت) ۽ جوانپڻو (بلاغت) جي ڏاڪڻ چڙهي رهيون آهن انهن اهو پڻ لفظن جي ڪلا کي ٺيڪ نموني واپرائڻ سان ڪيو آهي. پر اسان وٽ سنڌي ليکڪ عربي، فارسي، هندي ۽ اڙدو بولين جا لفظ هڪ ته سڌو سنئون چوري ڪن ٿا ٻيو وري ان جو معني مفهوم ئي پنهنجو ڪوڙو ڪڍن ٿا، اهو ته ايئن ٿيو جيئن ڪنهن جي ڪا شيءِ چوري ڪري وري ان کي ٻڌائڻ ته اها تنهنجي نه هئي پر اها ته منهجي ئي هئي. مان ته ان کي سنڌي مئل ليکڪن جو سماج چوندس
 
Back
Top