ڏن ڏيندڙ ڏن وٺندڙ ٻنهي ................................................. اڙي خدا جا بندو پيرن جا پيٽ ڀرڻ کان ڀلو اٿوَ ته پنهنجي گھر وارن تي خرچ ڪيو، گھر وارن کي خوش ڪيو، انهن جون ضرورتون پوريون ڪيون، اڃان به پئسو بچي ٿو ته ضرورتمندن جي مدد ڪيو، سچ ته اوهان کي دلي سڪون ملندو. الائي ڪڏهن اسان سنڌين جي پيراڻي ڪلچر مان جان ڇٽندي. هي ته آهي پنجاب جو پير، پر سنڌ جا پير به ڪنهن کان گھٽ ناهن، اهي به پئسن جو دستيون، بنگلا گاڏيون ڏن نذر ۾ وٺندا آهن. پيروووو ڪو پيٽ ڦاٽئندئو. اسان وارا ماڻهو به عجيب آهن، گھر ۾ اٽي لپ ڪونه هوندن پير جا پير چُمي سائو نوٽ نذر ۾ ڏيندس. اڻ پڙهيل ته ٿيا ئي اڻ پڙهيل ويچاره، پر ڪيترائي پڙهيل لکيل سنڌي به پير پرستي ۾ وڪوڙيل آهن ۽ ان ۾ هو فخر محسوس ڪن ٿا