السلام عليڪم سنڌسلامت دوستو. ڪافي عرصي کان هڪ ويبسائيٽ تي ڪم پئي ڪيم، تنهن ڪري تمام گهڻو مصروف رهيس، ويبسائيٽ جي لا ڊومين وٺڻ، هوسٽنگ سرور وٺڻ، ان بعد سُٺي سافٽويئر تي ويبسائيٽ ٺاهڻ انتهائي ٿڪائيندڙ عمل آهي. خبر کاڌن کي پوي. ڏينهن رات جي لاڳيتي محنت کان پو جڏهن ويبسائيٽ جو ڪم 90 سيڪڙو مڪمل ٿيو ته انتظاميا کي اختيار ڏنم ته جيئن منهنجي غير موجودگي ۾ هو ويبسائيٽ کي اپڊيٽ ڪري سگهن، جڏهن انتظاميا کي اپڊيٽنگ جي باري ۾ ٻڌايم ته صفا وائڙا ٿي ويا، هيڏي وڏي ويبسائيٽ ۽ ان ۾ جيڪڏهن اسان ايڊٽنگ ڪريون متان غلطي سان هڪ بٽڻ تي ٽڙڪ ڪرڻ سان هڙ نه وڃائي ويهون، ائين ئي سوچين پيا. انهن کي هڪ ڀيرو ليپٽاپ تي ويهي سمجهايم پر ڪجهه سمجهيا ۽ ڪجهه نه سمجهيا. ڳالهه الائي ڪٿان جي ڪٿي پهتي.. منهنجو هي آرٽيڪل لکڻ جو مقصد جُوملا ويبسائيٽ ۾ آرٽيڪل لکڻ ۽ مينيو + سب مينيو لڳائڻ جي باري ۾ جيڪا وڊيو مون منهنجي ويبسائيٽ جي انتظاميه جي لا ٺاهي هئي سا وڊيو اوهان سان ونڊ ڪرڻ آهي. جوملا متعلق وڊيو ٽٽوريل، اسڪرپٽ ٽٽوريل وغيره سڀ هن فورم تي عنقريب آندا ويندا. في الحال هيءَ ننڍڙي ڪاوش.. جُوملا ۾ آرٽيڪل رکڻ جا ٽي طريقا آهن جَن مان ٻه طريقا هن وڊيو ۾ سمجهايا اٿم جيڪي گهڻو ڪري استعمال ۾ ايندا آهن. باقي ايندڙ قسط ۾ انشا الله. https://www.facebook.com/video.php?v=708845872484521
ادا تمام بهترين طريقو سيکارڻ جو، پر مهرباني ڪري جيڪو ٽيمپليٽ سنڌي ۾ سيٽ ڪيو ويو آهي، اهو ڪيئن ٿيو ان جو وڊيوبه ٺاهي شيئر ڪيو ته جيئن سنڌي ۾ ويب سائيٽس تيار ڪرڻ آسان ٿين.
مزو نه آيو وري به اڌورو ڪم هميشه اڌورو ڪم ڪندو آهين . ويبسائيٽ ٺاهيئي سابه اڌوري وري ڪورل سيکاريئي سابه اڌ ۾ ڇڏي ڏنئي ڦوٽون شاپ به اڌورو سيکاريئي .