ﻫڪ ﺍﭠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﺭڙﻱ ﺟﻲ ﺍﻣڙ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺮﻱ ﻭئي، ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺍﻥ ﺟﻲ ﭘﻲﺀُ ﺍﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﭘُٽ ! ﺗﻮﮐﻲ ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻭﻓﺎﺕ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻞ ﺍﻣڙ ۽ ﻧﺌﻴﻦ ﺍﻣڙ ۾ ڪﻬڙﻭ ﻓﺮﻕ ﻣﺤﺴﻮﺱ ﭤﻴﻮ؟ ﺗﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭼﻮڪﺮﻱ ﻭﺭﺍﮢﻴﻮ، ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺍﻣڙ ﺳﭽﻲ ﺁﻫﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻮﺕ ﭤﻲ ﻭﻳﻞ ﺍﻣڙ ڪﻮڙﻱ ﻫُﺌﻲ“ ﺍﻫﻮ ﭔﮅﻱ ڪﺮﻱ ﺍﻥ ﺟﻲ ﭘﻲﺀُ ﮐﻲ ﺟﻬٽڪﻮ ﻟﮙﻮ ۽ ﭼﻴﺎﺋﻴﻨﺲ :۔ ﮀﻮ؟ ﭘٽ ﺗﻮﮐﻲ ﺍﺋﻴﻦ ﮀﻮ ﭤﻮ ﻟﮙﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻮﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ ﺍﻫﺎ ڪﻮڙﻱ ﺁﻫﻲ ۽ ڪﻠﻬﻪ ڪﻠﻬﻮڪﻲ ﺁﻳﻞ ﺍﻣڙ ﺳﭽﻲ ﺁﻫﻲ ﺍﺋﻴﻦ ﮀﻮ؟ ﮀﻮڪﺮﻱ ﻭﺭﺍﮢﻴﻮ: ۔ ﺟڏﻫﻦ ﻣﺎﻥ ﻣﺴﺘﻴﻮﻥ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻴﺲ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻣڙ ﮐﻲ ﺗﻨﮓ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻴﺲ، ﺗﻪ ﺍﻣڙ ﭼﻮﻧﺪﻱ ﻫُﺌﻲ ﺗﻪ ﺍﺋﻴﻦ ﺣﺮڪﺘﻮﻥ ۽ ﻣﺴﺘﻴﻮﻥ ڪﻨﺪﻱ ﺗﻪ ﺗﻮﮐﻲ ﻣﺎﻧﻲ ڪﻮﻥ ڏﻳﻨﺪﻳﺲ۔ ﭘﺮ ﻣﺎﻥ ﭘﻮﺀِ ﺑﻪ ﺣﺮڪﺘﻮﻥ ڪﻨﺪﻭ ﻫﻴﻢ ۽ ﻣﺴﺘﻴﻮﻥ ڪﻨﺪﻭ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﻫﻴﺲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺍﻣڙ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﭵﻲ ﮘﻮﭞ ﻣﺎﻥ ﺑﻪ ﮘﻮﻟﻲ ﻭﭠﻲ ﺍﻳﻨﺪﻱ ﻫُﺌﻲ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻭﻳﻬﺎﺭﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﭥڙﻥ ﺳﺎﻥ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺭﺍﺋﻴﻨﺪﻱ ﻫُﺌﻲ۔ ۽ ﻫﺎﮠ ﻧﺌﻴﻦ ﺍﻣڙ ﭼﻮﻧﺪﻱ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴڪڏﻫﻦ ﺗﻮﻥ ﺍﻫڙﻱ ﺭﻳﺖ ﺷﺮﺍﺭﺗﻮﻥ ۽ ﻣﺴﺘﻴﻮﻥ ڪﻨﺪﻳﻦ ﺗﻪ ﺗﻮﮐﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﻧﻪ ڏﻳﻨﺪﻳﺲ، ۽ ﺳﭻ ﺍﻫﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﻫﻦ ﺍﻣڙ ﻣﻮﻧﮑﻲ ٽﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎﻥ ﻣﺎﻧﻲ ﻧﻪ ڏﻧﻲ ﺁﻫﻲ۔۔۔۔۔۔۔۔۔!