منهنجي ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽر جي ونڊو 7 الٽيميٽ _ 2007 _ تان لئنگيج بار اوچتو غائب ٿي وئي آهي جڏهن ته ايم بي 2010 سنڌي ۽ ايم بي 2010 اردو اڃا به ايڊ ٿيل آهن پر ان جي باوجود به ٽول بار ۾ لئنگيج بار ڪونه ٿو ڏيکاريَ _ ڪو حل؟
لڳي ٿو ته ليگوئيج بار هيڊن ٿيل آ تڏهن ائين پيو ڪري. ان لا لينگويج ۽ ريجن آپشن ۾ وڃي ڪري docked in the taskbaar کي ٽڪ ڪريو.وڌيڪ هيٺ ڏنل تصوير ۾ ڏسو
سائين ساڳي سيٽنگ اڳ ئي ٿيل آهي ۽ ڊاڪڊ ان ٽاسڪ بار به ٽڪ ٿيل آهي پر تنهن هوندي به لئنگيج بار ڪونه ٿي اچي
جيڪڏهن ائين نه ٿئي ته پو بس مون وٽ آخري حل هي آهي رن ۾ وڃي ڪري regedit لکو ۽ انٽر پريس ڪريو پو هن لوڪيش تي اچو HKEY_LOCAL_MACHINE\SOFTWARE\Microsoft\Windows\CurrentVersion\Run اتي کاٻي پاسي تي رائيٽ ڪلڪ ڪري هڪ سٽرنگ ويليو ٺاهيو ۽ پو ان ٺاهيل ويليو کي رائيٽ ڪلڪ ڪري موڊيفائي ڪريو ۽ اتي هي ديٽا جو نالو لکو “ctfmon”=”CTFMON.EXE” ۽ اوڪي ڪريو.۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ ڪريو.
سائين ائين به ڪري ڏٺو اٿم پر ڪوبه فائدو ڪونهي. مون سوچيو ته ايم بي سنڌي ۽ اردو ڊيليٽ ڪري، نئين سر لڳائجي پر هاڻ ته ڊليٽ به ڪونه ٿو ٿئي . جواب اچي ٿو: اِن ُپٽ لئنگيج ۾ ڪي بورڊ ڊفالٽ طور استعمال ٿئي ٿو تنهن ڪري اهو اَن اسٽال ڪونه ٿو ٿي سگهي. اهي ڪو ان جو حل؟
ڪٿي ائين ته ناهي ؟ جو توهان جي ڪمپيوٽر ۾ لئنگيج بار پنهنجي اصلي جڳهه کان هٽي وئي هجي.. ؟؟ سائين مسئلي جي حل لا توهان اسڪرين شاٽ موڪليو ته جيئن جلد کان جلد توهان جي مسئلي کي حل ڪري سگهجي.
بهرحال ، لئنگيج بار جو آخرڪار مسئلو حل ٿي ويو آهي، شايد سيٽنگ جو ڪو مسئلو هو ـ دوستن جي گائيڊ ڪرڻ لاءِ مهرباني ـ
پيارا عامر...مون ته هفتي ڏيڍ کان ڏاڍي ڪوشش ڪئي ۽ سڀ طريقا آزمايم پر وريو ڪي به ڪين. " سيٽنگ ۾ انگلش انٽرنيشنل ڏنل آهي، انهي باڪس کي ضرور ٽڪ ڪريو. ساڳي باڪس ۾ پرشن ۾ ايم بي سنڌي ٽڪ ٿيل هو پر ٻيا به باڪس هئا سو پهرين باڪس کان ٽڪ هٽائي، ٽئين نمبر کي ٽڪ ڪيم ۽ اهڙي ريت اردو ۾ ايم بي اردو کي ٽڪ ٿيل هو سو ختم ڪري ساڳي قسم جي ٻين باڪسن کي ٽڪ ڪيم ته لئنگيج بار اچي وئي.