روزي جي ماني ( محمد ابراهيم جويو)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ WASEEM طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2014۔

  1. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    روزي جي ماني
    محمد ابراهيم جويو

    ..............
    هي ڪهاڻي جويي صاحب جي ڪجهه اوائلي ڪهاڻين مان هڪ آهي. اهڙن ڪردارن جي ڪهاڻي جيڪي ماني لا بکايل آهن. جن کي خيرات جي ماني تي گذر ڪرڻو هوندو آهي. مسجد مان نڪرندڙ ماڻهن تي سندن نظرون کتل هونديون آهن، پر ماني هڪ مسلمان فقير عورت کي ملندي آهي پر اها ئي ساڳي فقيرياڻي ماني ڳڀو انهي ٻار جي ٿانون ۾ وجهي ٿي جيڪو پڻ بکايل هجي ٿو.
    .............
    زندگيءَ جي بي ترس جانڊهه ۾ پيسجي پيسجي. شام جي ٻاجهاريءَ فضا ۾، ڪراچيءَ جي برنس گارڊن جو سير سو به بهار جي موسم ۾! بس زندگيءَ ۾ انسان جو ايمان تازو ٿيو وڃي! سارو ڏينهن چئن داڻن لاءِ پرڙا سٽي سٽي. ڌرتيءَ کان دور ڀڄندو، ڀانت ڀانت جا، پيارا پيارا پکي، ولرن جا ولر ڪيو، وڻ وڻ مٿان اچيو ڳاهٽ ٿين: رات جا چار پهر هر ڪنهن کي. ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن ڏار تي. ڪنهن لام تي. ڪنهن پن جي اوٽ ۾ آرام لاءِ اجهو ملي ئي ويندا! اداس ڌرتيءَ لاءِ ڏکن ڀرئي ڏينهن جي پڄاڻيءَ جي هيءَ پوئين گهڙي به ڪيتري نه اثر آفرين ٿي ٿئي! ڪنهن الميه افساني جو پڙهندي پڙهندي ڄڻ ڪنهن پنو اٿلائي ڇڏيو هجي!
    برنس گارڊن جي اترئين دروازي وٽان الهندي طرف ڏانهن ويندڙ، اٽڪل چاليهارو قدم ڊگهي هڪ فٽ پائري وڇايل آهي، جنهن تي خانه بدوش گيدڙين جا ڪي نه ڪي ٻه چار ڪٽنب هميشه پيا ئي رهندا آهن. هيءَ فٽ پائري الهندي واريءَ ڪنڊ کان مڙي. ٻيا چاليهارو کن قدم سڌو ڏکڻ ڏانهن ويندا، سنڌي مسلم لا ڪاليج جي دروازي وٽان ٿورو اوڀر ڏانهن ڦري، پاسي ۾ هڪ نئين ٺهيل مسجد شريف جي چائنٺ وٽ وڃي ٿي ختم ٿئي. سامهون پنج ماڙ بلڊنگ جون ٽي قطارون اڀيون. چپ چاپ هڪٻئي کي گهورينديون. وڃيو ٻئي پاسي مئڪلوڊ روڊ سان مليو بيهن. هنن بلڊنگن ۾ اصل ته ٻيا رهندا هئا، پر پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ اهي هندستان هليا ويا ۽ هندستان مان اهڙائي ٻيا خدا جا بندا ڪجهه لوڌجي، ڪجهه چاهه پئي، اچي هنن بلڊنگن ۾ آباد ٿيا آهن، لا ڪاليج جي ڀر واري مسجد شريف به هنن ئي ايمان وارن جي جذبه بندگيءَ جو نتيجو آهي: نه ته هونئن ان جاءِ تي اصل برنس گارڊن جي گلن ٻوٽن جي هڪ نرسري رکيل هئي.
    گذريل روزن وارو مهينو بهار جي موسم ۾ وارد ٿيو هو: هن برڪتن ڀرئي مهيني جي بنهه پوين تاريخن ۾، هڪڙي ڏينهن شام جو برنس گارڊن منجهان ڦري گهري، جيئن ٻاهر نڪتس، تيئن فٽ پائريءَ تي سامهون خانه بدوش گيدڙين جو هڪڙو اٺن ڏهن سالن جو معصوم ٻالڪ پٺن اگهاڙو، وارن منجهيل، مٽي ۽ مر ۾ لتل، ابداڻي کان رانن تائين لتاڙيل گاڏڙي ۾ پنهنجي ڪنهن پنگلي مائٽ کي وجهيو. ٿيلهيندو. اڳتي هلندو پئي ويو. نما شام جي هن ننڊ اکريءَ فضا ۾ گاڏي ۾ پيل پنگلي جي دل نپوڙيندڙ دانهن اڄ به منهنجي ڪنن ۾ پيئي گونجي.....”آءٌ بکيو لاچار.....بابل! ڏئي وڃ نالي الله جي...! آءٌ بکيو لاچار... بابل...“
    الهندي واريءَ ڪنڊ کان مڙي جيئن ئي پنج ڏهه قدم اڳتي ٿيس، تيئن سامهون وارين بلڊنگن جي ڪنهن ديندار گهر جو هڪڙو هر طرح سان صاف سٿرو. ٻارنهن چوڏهن ورهين جو سٻاجهو نينگر، ٻنهي هٿن ۾ ڍڪيل ٺهيل، شانائتي ماني کنيو، آڏو ايندو ڏٺم. هيءُ ماني شايد خوش بخت روزيدارن جي ئي نذر ٿيڻي هئي: پر روزي کلئي وقت ٿي چڪو هو. ۽ نمازي سڳورا مسجد مان نڪرڻ وارا ئي هئا. ٻه وکون ڀري ڇوڪرو مانيءُ سوڌو اچي پنگلي وٽ بيٺو. غريب ٻالڪ پنهنجا ٻيئي هٿ ڊگهيريا. ڇوڪري چيس. ”ائين نه، ٿانءُ ڪڍ ته ڏيان!“
    ”ٿانءُ“ جو نالو ٻڌڻ ۽ گاڏي کي اتي ئي ڦٽي ڪري وٺي ٻالڪ پوئتي ڊوڙ پاتي خوشيءَ ۾ اهڙو وٺي ڀڳو. جو کڙيون ڪياڙيءَ سان لڳنديون ويس بس واءُ ٿي ويو! پنگلي جي دانهن بند ٿي ويئي.
    اوچتو سامهون ڪنڊ کان رڙ ٿي: ”طفيل، او طفيل! ماني ڪنهن مسلمان فقير کي ته ڏي. بدبخت!“ طفيل جو مسلمان پيءُ مسجد مان روزو کولي، نماز پڙهي ٻاهر نڪتو هو. ۽ گهر ڏانهن ويندي. طفيل کي هن اجوڳ ڪم ڪندي پڪڙي ورتو هئائين!
    پرڀرو هڪڙي مسلمان پوڙهي فقيرياڻي بيٺي هئي تنهن پاڻ کي وڌيڪ حقدار سمجهي. آسرو پختو ڪري. رڙهي اچي پاسو ڏنو. هوڏانهن گيدڙي ٻالڪ به جمن هٿ ۾ کنيو. يڪ ساهيءَ ڊوڙ موٽي پئي آيو. ايتري ۾ طفيل جو پيءُ تکو تکو وڌي اچي جاءِ واردات تي پهتو، ۽ پٽ جي هٿن مان ماني ڊوهي، اتي جو اتي سڀ کڻي مائيءَ جي ڪشتي ۾ وڌائين. گيدڙي ٻالڪ خالي جمن کي سامهون ڪيو: ”سائين ٿوري مون کي!“ پيرن ۾ جو پنگلو پيو هوس، تنهن کن رکي، دانهن ڪئي: ”هي بکيو لاچار... بابا! ڏي ڪجهه نالي الله جي...!“
    طفيل ۽ طفيل جو پيءُ ته هليا ويا... پر هنن جي پٺ ڏيڻ سان ئي، پوڙهيءَ فقيرياڻيءَ ڪشتي ۾ هٿ وجهي، جيڪي ڪجهه مليو هوس ٻه ڊڳڙ، مٺ خشڪا. ڏوئي ٻوڙ جي، قيمي جي هڪ ٽڪي ۽ مٺائيءَ جو هڪڙو لڏون تنهن سڀ مان اڌ ڪڍي، گيدڙي ٻالڪ جي جمن ۾ کڻي وڌو... ۽ ٻار جي مٿي تي مهر جو هٿ ڦيري پنهنجي راهه وٺي ويندي رهي!
    نئين سر انسان ۾ منهنجون اميدون، جاڳي اٿيون ۽ وساڻل زندگي. بهار جا نوان ويس ڍڪي. هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجي اڳيان اچي بيٺي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو