• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جديد سنڌي الفابيٽ

قريشي شبير احمد

سينيئر رڪن
جديد سنڌي الفابيٽ.
ب سان بلا.
بلائون گھڻن قسمن جون آهن .مثلا؛ ب سان بجلي ،ب سان بيورو ڪريٽ ،ب سان بجيٽ،ب سان بينڪ ،ب سان بجلي ،ب سان بيگم،ب سان بدبو ،ب سان بک وغيره .هونئن به ڪنهن به صفت جي اڳيان ب (بي ) لڳائجي ته عجيب پنهنجائپ جو احساس ٿئي ٿو ڇو جو اهي بي اسان جي معاشري جا اهم جز آهن. بي شرمي،بي حسي،بي رحمي،بي وفائي بي روزگاري وغيره. جيڪڏهن انهي لسٽ ۾ بيڪاري، بزدلي ۽ بي غيرتي کي شامل ڪجي ته يارن کي منهنجي بد دماغ هئڻ جو يقين ٿي ويندو.
بجلي ۽ بي وفائي جو چولي دامن جو ساٿ آهي اڙدو ۾ چوندا آهن ته” چار دن ڪي چاندني پهر انڌيري رات هے“. هتي ته چار گهنٽے کي بجلي بيس گهنٽے کي رات هے.انهي لاء ڇت تي ويهي گرمي ۾ ”او بے وفا مين نے تجھ سي پيار ڪيون ڪيا ،تيرا اعتبار ڪيون ڪيا“ وڏي واڪي ڳايو، مجرب نسخو آهي اميد ته ڪلاڪ کن لاء بجلي اچي ويندي. آزمائي ڏسو .جيڪڏهن پاڙي جي ڇت تي ڪا مائي ويٺي هوندي ته ان جا گھر وارا اوهان کي ڊوڙائيندا جنهن سان اوهان کي قدرتي هوا به لڳندي ۽ صحت درست رهندي،گھڻو ڪري ڏينهن جو ئي اوهان کي تارا نظر ايندا اهڙي روشني ملڻ تي اوهان بنا بل اچڻ جي خوش رهندا. ها هڪ اهم ڳاله رهجي وئي ب سان بادشاه ..... بادشاه لفظ سان موڳي،چريئي،ضدي،خود سر،عياش ۽ موالي ماڻهو جو تصور اچي ٿو .سنڌي ۾ محاورتا چئبو آهي ته ”تون ته بادشاه ماڻهو آهين“ معني توکي دنيا جهان جي ڪهڙي خبر توکي ڏک سک جي ڪهڙي خبر. نئين نسل نوجوانن کان معلوم ڪجي ته بابا سنڌ جو بادشاه ڪير آهي،جواب ملندو ته ”چاچا اسين ڄائي ڄم کان هڪ ئي بادشاه کي پيا ڏسون تان ته اچي جوان ٿيا آهيون.اهو ٻوڙو آهي ،گونگو آهي ،مجبور آهي، لاچار آهي مدهوش آهي“....ظاهر آهي ته اهڙن حڪمرانن کي ڏسي کين نيپولن بوناپارٽ،ڪمال اتا ترڪ يا مهاتير محمد ته ياد نه ايندا. بد انتظامي بد نظمي ۽ نا انصافي جي هن دور ۾ جيڪو مشاهدو ڪندا تهڙو عمل ڪندا .
 
Back
Top