جديد ٽيڪنالاجي سان پاڻ کي خوبصورت بڻايو

'صحت سرير جي' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بوٽاڪس ايڊوانسمينٽس
    (Botox Advancements) ان ڳالهه کان سڀ واقف آهن ته چهري تان گهنج ختم ڪرڻ لاءِ بوٽاڪس جا انجيڪشن لڳايا وڃن ٿا، پر شايد اوهان ان ڳالهه کان اڻ واقف هونديون ته هاڻي بوٽاڪس سبب ڪنڌ جا گهنج پڻ ختم ڪري سگهجن ٿا. اهو ئي به پر ان جي ذريعي سڄيل ڄاڙين کي صحيح حالت ۾ واپس آڻي پنهنجي مسڪراهٽ کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگهجي ٿو.

    فلر فنيز (Filler Finesse)
    فلر به چهري جي مختلف حصن کي سرسبز ۽ جوان بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ان کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ چهري تي هٿرادو تاثر پيدا ٿي ويندو آهي ۽ ڏسڻ واري کي خبر پئجي ويندي آهي ته چهري تي فلر استعمال ٿيل آهي، پر جديد ٽيڪنالاجي سبب هاڻي اهو ممڪن ٿي ويو آهي ته فلر جي استعمال سان توهان جي پيشاني، ڳٽا ۽ چپ بغير ڪنهن هٿرادو يا سڄڻ سان خوبصورت ڪيا وڃن ۽ گهنج به ختم ڪيا وڃن.

    فائن لائينز (Fine Lines)
    چهري جون فائن لائينون ختم ڪرڻ لاءِ ماهر اسٽرونگ ايسڊ پيل Peel جو مشورو ڏين ٿا.هن طريقي سان متاثر چمڙي جون تهون لاٿيون وڃن ٿيون، جيئن چهري تان گهنج ختم ڪيا وڃن.

    آمريڪا جي جديد ٽيڪنالاجي
    آمريڪا ويجهڙ ۾ اهڙي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، جنهن تحت چهري کي سنوارڻ ۽ پرڪشش ڪيو ويندو بنا ڪنهن تڪليف جي. ان طريقي ڪار کي الٿراپي جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن تحت هڪ آڊيو مشين ذريعي اکين ۽ ڪنڌ جي چمڙي کي ڇڪي ان حصن جو جهريون ختم ڪيو وڃن ٿيون. ان ٽيڪنالاجي کي ڪنهن به موسم۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ٻڌايو پيو وڃي ته ان سان ڪي به سائيڊ افيڪٽ ناهن ٿيندا. ان ڊيوائس ذريعي چهري تان ٻين حصن جي ڍلي ٿيل چمڙي به ڇڪجي ويندي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ جواني ۾ تازگي ۽ چمڪ ايندي آهي. ان طريقي سان علاج جو رزلٽ پهرين ئي سيشن ۾ ملڻ لڳندي آهي ۽ ڇهن مهينن جي اندر اهو علاج عام طور تي مڪمل ٿي ويندو آهي. ان جي هڪ ٻي خوبي اها آهي ته هڪدم پوءِ به چهري تي ڪنهن قسم جي ڳاڙهاڻ يا خارش وغيره نه ٿيندي آهي، ان لاءِ توهان کي پنهنجو چهرو لڪائڻ جي ضرورت ناهي رهندي ۽ بنا دير جي ٻاهر نڪري سگهنديون. جڏهن ته سيشن ۽ ان جو وقت چمڙي جي سختي تي ڀاڙبو آهي. ٿريڊ فيس لفٽ (Threadface lift) عمر سان گڏ چهري جي چمڙي به ڍلي ٿي ويندي آهي ۽ لڙڪندي رهندي آهي. پر ٿريڊ لفٽ جي ذريعي وقتي طور تي ان مسئلي کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ٻڌايل طريقي موجب هڪ مخصوص نرم ڌاڳي جي مدد سان چمڙيءَ کي آرام سان اهڙي نموني ڇڪيو ويندو آهي جو فيس لفٽ جو خيال ايندو آهي. ان جا اثر هڪ سال کان وٺي ارڙنهن مهينن تائين قائم رهندا آهن.

    ايڪني اسڪارز (Acnescars)
    موهيڙن جي خراب چٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ به ڪجهه نوان ۽ اثر ڪندڙ علاج اچي ويا آهن. جن ۾کل لاهڻ وارو طريقو به شامل آهي. ان طريقن تي عمل ڪرڻ سان چمڙي نرم ۽ هڪ ڪري ٿي ويندي آهي. ايڪني سبب ٿيل خال کي ڀرڻ لاءِ فلرز به استعمال ڪيو وڃن ٿا ۽ وڌيڪ خراب ڪيسن ۾ مريض جي ڪيفيت جي لحاظ سان مخصوص ليزر علاج به ڪيا وڃن ٿا.40
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو