• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نامياري شاعر آسي زميني کي جنم ڏينهن جون واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10698573_10204446221253797_8694149397622905684_n.jpg


نامياري شاعر
آسي زميني
کي جنم ڏينهن جون واڌايون
___

آسي زميني: آسي زميني، سنڌي ٻوليءَ جو نمائنده شاعر آهي. هن جو اصل نالو محمود نظاماڻي ولد محمد رحيم نظاماڻي آهي. هيءُ ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد ۾، 14 سيپٽمبر 1957ع ۾ ڄائو. انٽر پاس ڪيائين. هينئر اريگيشن کاتي ۾ اڪائونٽس ڪلارڪ آهي. کيس شهيد فاضل راهو (شاعري) اوارڊ، ڪينجهر (ايڊٽنگ) اوارڊ، اڏيرولالشاعري اوارڊ ۽ بزم ٽکڙ اوارڊ ملي چڪا آهن. نظم ۽ نثر ٻنهي تي دسترس رکي ٿو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’مڃتا جي رُڃ ۾‘ (1992ع) ۽ ’ٻه شاعر ٻه ڪهاڻيڪار‘ (1992ع) ڇپيل آهن، ان کان سواءِ ’مسيحي گهراڻي جا بنياد‘، ليڊي هيلٿ وزيٽرس جو نصاب‘، ’حفاظتي ٽُڪا‘ وغيره ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپيل اٿس. ان کان سواءِ هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ، ادبي مضمون ۽ تنقيدي مقالا لکيا آهن، جن جو ڪتاب پڻ ترتيب ڏئي چڪو آهي. چڪو آهي. شاعريءَ جي فن ۽ بحر وزن جو ماهر آهي. آسي نئين ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي. وٽس ٽنڊي قيصر ۾ ’دانشگاهه منصوريه آستاني‘ نالي سان هڪ لائبريري به آهي، جنهن ۾ هزارين ڪتاب مختلف موضوعن تي موجود آهن. آسي زميني ’ڪينجهر‘، ’امرتا‘، ’ادب‘، ’جياپو‘، ’آجپو‘ ۽ ’اُمنگ‘ رسالن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر/ايڊيٽر رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ ثقافت کاتي سنڌ پاران شيخ اياز جي شاعريءَ جي پهرين ٽن جُلدن جي ايڊيٽنگ ۾ محترم تاج جويي سان سهڪاري رهيو آهي.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان
___
 
Back
Top