مخمور رضا

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG] پياري دوست مخمور رضا ميمڻ جي شاري هتي مان پوسٽ ڪيان پيو اها شاعري مخمور رضا ميمڻ جي فيس بوڪ وال تان کنيل آهي

    ﻏـــــــــــﺰﻝ

    مخمور رضا ميمڻ

    هوءُ سامهون اچي رهي آهي
    لونءَ ڪانڊارجي رهي آهي

    منهنجي من ۾ تکي ڪنڊي وانگي
    چيز ڪائي چُڀي رهي آهي

    جيڏو ويجهو وڃان ٿو هن جي مان
    ڏور اوڏو وڃي رهي آهي

    پنهنجي من ۾ لڪائي ماتم کي
    ناچڻي ڇو نچي رهي آهي

    بي وفائي دنيا سموريءَ ۾
    مرض وانگي وڌي رهي آهي

    تنهنجي ! دردن کان تنگ ٿي آخر
    دل ڪري خودڪشي رهي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو