مخمور رضا ميمڻ ﻏـــــــــــــــــــﺰﻝ هو جو چنچل اکين سان ڇُهي آ ويو جو صدين جو هيو ٿڪ لهي آ ويو رول جذبن ۽ دل هن ننڌڻڪيءَ جي اجنبي ڪو ڪري وارثي آ ويو تنهنجي محبت جي خوشبوءِ ۾ سانوري! روح جو روح ڀي واسجي آ ويو رات ڀاڪر ۾ تو مون ڪيون چاهه جون چنڊُ ڳالهيون اُهي سڀ ٻُڌي آ ويو نفرتن جي هلي راهه تي ٿو ڏسان پيار جو پيچرو جڳ ڀُلي آ ويو جي قيامت نه آهي ته ڇاهي خدا !؟ ٻار معصوم ڪوئي ڪُهي آ ويو گهر جي غمگين "مخمور " آڳر مٿان رات خوشين جو بادل وسي آ ويو