مخمور رضا

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
10362360_549679011827724_543969990960013826_n.jpg


مخمور رضا ميمڻ

ﻏـــــــــــــــــــﺰﻝ

هو جو چنچل اکين سان ڇُهي آ ويو
جو صدين جو هيو ٿڪ لهي آ ويو

رول جذبن ۽ دل هن ننڌڻڪيءَ جي
اجنبي ڪو ڪري وارثي آ ويو

تنهنجي محبت جي خوشبوءِ ۾ سانوري!
روح جو روح ڀي واسجي آ ويو

رات ڀاڪر ۾ تو مون ڪيون چاهه جون
چنڊُ ڳالهيون اُهي سڀ ٻُڌي آ ويو

نفرتن جي هلي راهه تي ٿو ڏسان
پيار جو پيچرو جڳ ڀُلي آ ويو

جي قيامت نه آهي ته ڇاهي خدا !؟
ٻار معصوم ڪوئي ڪُهي آ ويو

گهر جي غمگين "مخمور " آڳر مٿان
رات خوشين جو بادل وسي آ ويو
 
Back
Top