مخمور رضا ميمڻ ﻏـــــــــــــــــــــــــــﺰﻝ صدين کان مولا تڙپن ٿا ساڀيان لئه سپنا تڙپن ٿا ننڊ بنا شب روز اسانجا هي نيڻ نماڻا تڙپن ٿا احساس شمع اي ڪر ٿورو! تولئه پروانا تڙپن ٿا غربت آهي گهر ۾ ايڏي جو بُک تي ٻچڙا تڙپن ٿا خاموشيءَ جي عالم ۾ پيا آوارا جذبا تڙپن ٿا برسات ڪٿي آهين !,تولئه ٿرُ ۽ ٿرَوارا تڙپن ٿا ڪاون جي رستن تي هلندي هي پير اگهاڙا تڙپن ٿا