مخمور رضا ميمڻ ﻏـــــــــــــــــــــــــــﺰﻝ صدين کان مولا تڙپن ٿا ساڀيان لئه سپنا تڙپن ٿا ننڊ

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
9277_534869293308696_7474632155724643728_n.jpg


مخمور رضا ميمڻ

ﻏـــــــــــــــــــــــــــﺰﻝ

صدين کان مولا تڙپن ٿا
ساڀيان لئه سپنا تڙپن ٿا

ننڊ بنا شب روز اسانجا
هي نيڻ نماڻا تڙپن ٿا

احساس شمع اي ڪر ٿورو!
تولئه پروانا تڙپن ٿا

غربت آهي گهر ۾ ايڏي
جو بُک تي ٻچڙا تڙپن ٿا

خاموشيءَ جي عالم ۾ پيا
آوارا جذبا تڙپن ٿا

برسات ڪٿي آهين !,تولئه
ٿرُ ۽ ٿرَوارا تڙپن ٿا

ڪاون جي رستن تي هلندي
هي پير اگهاڙا تڙپن ٿا
 
Back
Top