مخمور رضا ميمڻ *غزل* ڪوسا ڳوڙها ۽ تشنه لبَ مان هان تنها ۽ تشنه لبَ توکانپو هنياءُ کي ڏارن ٿا خالي رستا ۽ تشنه لبَ وقت ڪيا تو آشائن جا ٽڪڙا ٽڪڙا ۽ تشنه لبَ هر روز چڀن ٿا يادن جا من ۾ ڪنڊا ,۽ تشنه لبَ پياسا پالڻهار ازل کان ماڻهون ٿر جا ۽ تشنه لبَ "مخمور" صدين کان نيڻن کي هن اوجاڳا ۽ تشنه لبَ