مخمور رضا ميمڻ *غزل* ڪوسا ڳوڙها ۽ تشنه لبَ مان هان تنها ۽ تشنه لبَ توکانپو هنياءُ کي ڏارن ٿا خال

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
10277102_499580066837619_1039559856845464935_n.jpg


مخمور رضا ميمڻ

*غزل*

ڪوسا ڳوڙها ۽ تشنه لبَ
مان هان تنها ۽ تشنه لبَ

توکانپو هنياءُ کي ڏارن ٿا
خالي رستا ۽ تشنه لبَ

وقت ڪيا تو آشائن جا
ٽڪڙا ٽڪڙا ۽ تشنه لبَ

هر روز چڀن ٿا يادن جا
من ۾ ڪنڊا ,۽ تشنه لبَ

پياسا پالڻهار ازل کان
ماڻهون ٿر جا ۽ تشنه لبَ

"مخمور" صدين کان نيڻن کي
هن اوجاڳا ۽ تشنه لبَ
 
Back
Top