سائل مهراڻ
سينيئر رڪن

مخمور رضا ميمڻ
***غزل***
مينهن,کنوڻ ۽ گاج گجي ٿي
سانئڻ تنهنجي ياد اچي ٿي
اي درد ! نه ڏي ڌوڻا , دل جي
ڀيلي آ ديوار جُهري ٿي
جام مٿان ٿو جام پيئان ,پر
روح جي ساڳي پياس رهي ٿي
کنڀ ڪري آلا پاڻيءَ ۾
ڪٻري ڪپ تي رقص ڪري ٿي
جنهن آ چاهيو سنڌ کي,تنهن کي
ڏئني ڦاهي گهات وڃي ٿي
تو بن سپرين هر شام شفق
دل سگريٽ جيان هي سڙي ٿي
برهه جي ساگر ۾ جيون جُي
آشائن جي ناوَ ٻُڏي ٿي
"فياض"اوهان تي ديد پوي جو
نيڻن کي آسيس ملي ٿي
هر روز حياتي هيءَ "رضا"
برف جيان "مخمور" ڳري ٿي