• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مومل راڻو لُوٺيَس لُڊاڻي، پَسو جو پرينءَ ريءُ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
jns9AKexQtBjL.jpg

لُوٺيَس لُڊاڻي، پَسو جو پرينءَ ريءُ
جَيڏيُون جَيهائي ڪَئي، رات رُسي رَاڻَي
هَلبَو هاڻَي وَيرا ! ڪَاڪ وهُ ٿئي.


سر مومل راڻو

لُوٺِيَسِ = جلايس، اڌ سڙيل ٿي ويس
لُڊَاڻَي = لڊاڻو _ جيسلمير کان اتر اولھ طرف پنجن ڪوهن جي مفاصلي تي آهي. ڏهين کان ٻارهين صدي عيسويءَ تائين راجپوتن جي گاديءَ جو هنڌ هيو. 12 دروازا ۽ ٻہ وڏا مندر هئا جي اڄ تائين قائم آهن.هڪ مندر ماتا جو ۽ ٻيو پارشوناٿ جو آهي.

حوالو : راجپوتانا گزيٽيئر جلد 2 الف جوڙيل ارسڪائين ۽ ٽاڊ صاحب جو راجستان 2 صفحو 19.لڊاڻو ڪاڪ نديءَ تي قائم ٽڪريءَ جو نالو آهي.

پَسَو = ڏٺو، نهاريو
جَيهَائِي = جٺ، ويڌن، قهر، بي واجبي، جهڙيءَ طرح
ڪِئِي = ڪَئي
وَيرَا = هن وقت، هن ويل، هن گهڙيءَ، هڪدم
وِھُ = زهر

بيت جو پس منظر

~ پرينءَ کان سواءِ لڊاڻو ڏسي جلي ٿي وڃان.
~ راڻي رات رُسِي مون سان وڏي بي واجبي ڪئي.
~ هاڻي ڪاڪ زهر ٿي لڳي، سو جلد ئي هتان لڏي هلبو.

سمجهاڻي

راڻو جڏهن کان مومل کي سومل سان ٻکين پيل ڏسي، ڪاوڙجي، پنهنجي ملڪ ڍٽ هليو ويو آهي. تڏهن کان مومل تي ڏکيا ڏينهن اچي ويا آهن. مومل جڏهن لڊاڻي پاسي نهاري ٿي ۽ راڻي کي نٿي ڏسي تہ اندر ۾ باھ لڳي ٿي وڃيس. راڻي جي بي وفائي ياد ڪري سرتين کي چئي ٿي :
او جيڏيون ! راڻي رات مون سان رُسِي وڏي بي واجبي ڪئي آهي. هاڻي دير نہ ڪيو ۽ تياري ڪريو تہ هتان ڍٽ لڏي هلي راڻي کي پرچايون. هي ڪاڪ هاڻي رهڻ جي قابل ناهي، زهر ٿي لڳي مونکي منهنجي محبوب کانسواءِ .

______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
سر مومل راڻي جو بيت جيڪو سائين مظفر منگي صاحب جي سمجهاڻي سان سائين سليمان وساڻ صاحب جي ٿورن سان اسان کي پڙهڻ لا مليو آهي

اسان کي گهرجي ته اهڙي املهه سمجهاڻين کي پڙهي سائين مظفر منگي جي حوصلا افزائي ڪريون ته جئين سائين اسان کي اهڙا املهه بيتن جون سمجهاڻيون ڏيندو رهي
 
Back
Top