• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ايس ڪيو ايل جا فائيل MacOSX Maverick ۽ ونڊوز8.1

گلزار احمد

سينيئر رڪن
‏سائين منهنجا مون وٽ SQL Database 2005 ۾ ٺاهيل ڪجهه فائيل اٿم، جيڪي رڳو ونڊوز ايڪس پي 32 بٽ ۾ ھلن ٿا.مگر مونکي اھي MacOSX Maverick ۽ ونڊوز8.1 ۾ ھلائڻا آھن، ٻيلي ڪو مشورو ڏيوم.
 
SQL Server 2005 ونڊوز 8 سان ڪمپيٽيبل نه هجڻ ڪري انسٽال نه ٿيندو.. بهتر هجي ها ته توهان ايس ڪيو ايل سرور کي انسٽال ڪرڻ دوران ايندڙ ايرر جي اسڪرين شاٽ به ڏيکاريو ها... توهان اهو به نه ڏسيو آهي ته ايس ڪيو ايل سرور جو ڪهڙو سروس پيڪ توهان استعمال ڪري رهيا آهيو... جيڪڏهن توهان وٽ سروس پيڪ 3 يا گهٽ وارو آهي ته توهان کي ليٽيسٽ ايس ڪيو ايل سروس پيڪ 4 انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي..

جيڪڏهن توهان وٽ هيٺيون ايرر اچي رهيو آهي... ته
imaUH.png

ڇا توهان ونڊوز 8.1 ۾ ورچوئيل مشين انسٽال ڪري ڏٺي آهي.. جي نه ته انسٽال ڪريو ۽ ان ۾ سڀ کان پهريان ايس ڪيو ايل 2005 جو سروس پيڪ 2 انسٽال ڪريو جنهن کان پوءِ سروس پيڪ 4 پڻ انسٽال ڪري ڏسو.. جيڪڏهن ڪم نه ٿئي ته مائڪروسافٽ وارن جي هن سپورٽ پيج جو ڦيرو ڀريو ۽ ٻڌايل هدايتن تي عمل ڪري ڏسو...

opoLE.png

هڪ ٽيڪنيڪل ٽپ ڪم ڏئي سگهي ٿي... سڀ کان پهريان ايس ڪيو ايل سرور 2005 سروس پيڪ 4 جي انسٽاليشن فولڊر مان SQLExpr.exe فائيل ڳوليو ۽ ان کي ڪنهن ٻي جاءِ ڪاپي ڪري ون رار پروگرام ذريعي ايڪسٽريڪٽ ڪريو.. ايڪسٽريڪٽ ٿيل فائيلز منجهان sqlncli_x64.msi يا sqlncli_x32.msi فائيل ڳوليو ۽ ان کي رن ڪريو.. جنهن کان پوءِ ايس ڪيو ايل سرور 2005 جي سيٽ فائيل کي هلايو.. جنهن سان اميد ڪجي ٿي ته ڪو ايرر سامهون نه ايندو...

Oy6XM.png
 
ادا گُل توهان جي مدد لا بشيراحمد کي ٽيگ ڪجي ٿو.

مون ڪجهه عرصو پهرين ايس ڪيو ايل جو سرور انسٽال ڪيو پر مونکي نه وڻيو، پو مون ويبسائيٽ لا سي پينل مان ايس ڪيو ايل ڊيٽا بيس ٺاهيو. جيڪو تمام آسان هو.
 
SQL Server 2005 ونڊوز 8 سان ڪمپيٽيبل نه هجڻ ڪري انسٽال نه ٿيندو.. بهتر هجي ها ته توهان ايس ڪيو ايل سرور کي انسٽال ڪرڻ دوران ايندڙ ايرر جي اسڪرين شاٽ به ڏيکاريو ها... توهان اهو به نه ڏسيو آهي ته ايس ڪيو ايل سرور جو ڪهڙو سروس پيڪ توهان استعمال ڪري رهيا آهيو... جيڪڏهن توهان وٽ سروس پيڪ 3 يا گهٽ وارو آهي ته توهان کي ليٽيسٽ ايس ڪيو ايل سروس پيڪ 4 انسٽال ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي..

جيڪڏهن توهان وٽ هيٺيون ايرر اچي رهيو آهي... ته
imaUH.png

ڇا توهان ونڊوز 8.1 ۾ ورچوئيل مشين انسٽال ڪري ڏٺي آهي.. جي نه ته انسٽال ڪريو ۽ ان ۾ سڀ کان پهريان ايس ڪيو ايل 2005 جو سروس پيڪ 2 انسٽال ڪريو جنهن کان پوءِ سروس پيڪ 4 پڻ انسٽال ڪري ڏسو.. جيڪڏهن ڪم نه ٿئي ته مائڪروسافٽ وارن جي هن سپورٽ پيج جو ڦيرو ڀريو ۽ ٻڌايل هدايتن تي عمل ڪري ڏسو...

جيڪڏهن توهان وٽ هيٺيون ايرر اچي رهيو آهي... ته

opoLE.png

هڪ ٽيڪنيڪل ٽپ ڪم ڏئي سگهي ٿي... سڀ کان پهريان ايس ڪيو ايل سرور 2005 سروس پيڪ 4 جي انسٽاليشن فولڊر مان SQLExpr.exe فائيل ڳوليو ۽ ان کي ڪنهن ٻي جاءِ ڪاپي ڪري ون رار پروگرام ذريعي ايڪسٽريڪٽ ڪريو.. ايڪسٽريڪٽ ٿيل فائيلز منجهان sqlncli_x64.msi يا sqlncli_x32.msi فائيل ڳوليو ۽ ان کي رن ڪريو.. جنهن کان پوءِ ايس ڪيو ايل سرور 2005 جي سيٽ فائيل کي هلايو.. جنهن سان اميد ڪجي ٿي ته ڪو ايرر سامهون نه ايندو...

Oy6XM.png
سائين ميورڪ لا ڇا ڪجي. پريارٽي ميڪ آهي
 
Back
Top