پلگ لڳل هجڻ جي باوجود ليپ ٽاپ جو چارج نه ٿيڻ

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏16 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪجهه وقت اڳ اسان جي دوست عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم پنهنجي ليپٽاپ بابت هڪ مسئلي جو ذڪر هڪ موضوع لکي موڪليو هو... دوستن کيس خاطر خواه مشورا ڏنا .. پر ضرورت هئي ته ان سلسلي ۾ هڪ واضح ۽ مفصل جواب لکجي .. جنهن ڪري هي موضوع الڳ سان ٺاهجي ٿو...

    ليپ ٽاپ استعمال ڪندڙن لاءِ هي مسئلو سڀ کان وڌيڪ پريشاني پيدا ڪندڙ هوندو آهي ته ليپ ٽاپ ۾ چارجنگ وارو پلگ لڳل هجڻ باوجود ايرر ملندو آهي ته “Plugged in, not charging”. اهڙي صورت ۾ لڳل چارجنگ پلگ کي بار بار ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي.. جنهن سان ڪنهن دفعي ته پلگ درست ٿي ويندو آهي پر ڪنهن وقت به بلڪل بي فائدو.. اسان کي خبر هوندي آهي ته ليپ ٽاپ جي پاور سپلائي ٺيڪ آهي، باقي هارڊويئر به بلڪل درس ڪم ڪري رهيا آهن ۽ بيٽري به درست حالت ۾ آهي پر ليپ ٽاپ ان کي چارج ڪرڻ کان قاصر آهي.. ان مسئلي کي سلجهائڻ لاءِ هيٺيان اُپاء وٺڻ گهرجن...:

    • سڀ کان پهريان ونڊوز کي شٽ ڊائون ڪريو..
    • اي سي ايڊاپٽر (چارجنگ پلگ ان) کي ليپ ٽاپ کان الڳ ڪريو...
    • ليپ ٽاپ جي بيٽري ڪڍي ان کي به الڳ رکو..
    • هاڻي اي سي ايڊاپٽر (چارجنگ پلگ ان) ليپ ٽاپ سان لڳايو..
    • ليپ ٽاپ آن ڪريو..
    • ونڊوز جي آن ٿيڻ کان پوءِ ڊيوائيس مينيجر ۾ وڃو ۽ بيٽريز جي هيٺان موجود ”مائڪرو سافٽ اي سي پي آئي ڪمپلائينٽ (Microsoft ACPI Compliant) ۽ مائڪروسافٽ اي سي ايڊاپٽر جي ڊرائيور کي ان انسٽال ڪري ڇڏيو..
    • [​IMG]
    • هاڻي ڪمپيوٽر شٽ ڊائون ڪري اي سي ايڊاپٽر ڪڍي وٺو..
    • بيٽري کي ليپٽاپ ۾ لڳايو ۽ اي سي ايڊاپٽر کي به لڳائي وٺو..
    • هاڻي ونڊوز کي آن ڪريو، بيٽري جا ڊرائيور پاڻ مرادو انسٽال ٿي ويندا..

    هاڻي ليپٽاپ کي استعمال ڪندي بيٽري کي گهٽ ۾ گهٽ چار دفعا مڪمل ڊسچارج ڪريو.. يعني بيٽري کي ايترو استعمال ڪريو جو ان جي چارجنگ ختم ٿيندي ونڊوز شٽ ڊائون ٿي وڃي.. ان کان پوءِ ليپ ٽاپ آن ڪرڻ بجاءِ بيٽري کي ٿڌو ٿيڻ ڏيو.. ان لاءِ ليپ ٽاپ کي ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رکي ڇڏيو..
    مٿئين صلاحن تي عمل ڪرڻ سان يقينن بيٽري ٻيهر درست طريقي سان چارج ٿيڻ شروع ٿي ويندي...
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    مون تنهن وقت گوگلنگ به ڪئي هئي (جيڪا نئين عادت آهي ;) ) تنهن به ساڳيو ئي جواب ڏنو جيڪو توهان ڏنو ، ان جواب به منهنجو مسئلو حل نه ڪيو هو، مسئلو حل ٿيو چارجر تبديل ڪرڻ سان.

    اهو ڇو ٿيندو آهي ان جو هڪ سبب هي آهي ته اسان ليپٽاپ استعمال ڪرڻ بعد فوراََ چارجر کي ٿيلهي (بيگ) ۾ وجهي ڇڏيندا آهيون، نتيجو اهو نڪرندو آهي ته چارجر جي گرم تار کي مُنڍ ۽ ڇيڙي وٽان ور وڪڙ اچي ويندا آهن ۽ اندران گرمائش سبب تارن کي نقصان پهچندو آهي.
    واقعي به ائين ئي آهي، مون آزمايو آهي، پهرين منهنجا چارجر مهينو به مس هلندا هئا ۽ هاڻي شڪر آهي اڍائي مهينا هلي ويو آهي.. بس ٿورو احتياط جي ضرورت هوندي آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺي ٽپ سائين
    لک قرب
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو