ڪافي ڏينهن بعد ڪاڪو آچار شهر ۾ آيو هو، سوچيائين ته شهر ۾ آيو آهيان ڇو نه اڄ چِڪن قورمه کائجي .. هڪ هوٽل ۾ ويو ۽ آرڊر ڪيائين.. ڪاڪو آچار ماني شروع ڪرڻ کان پهرين رڙ ڪري بيري کي سڏي چوڻ لڳو : اڙي هيڏانهن !! توکي چيم ته چڪن قورمه کڻي اچ ۽ تون صرف قورمو کڻي آيو آهين هن ۾ ٻوٽيون ڪٿي آهن ؟؟ وئيٽر : ڪاڪا ، ڪڏهن گلاب جامن کاڌا اٿئي.. ؟ آچار : هائو کوڙ ڀيرا.. وئيٽر : ڀلا ان ۾ گلاب ٿيندا آهن ؟ جو اسان جي چڪن قورمه ۾ چڪن ٿئي ؟؟ ڪاڪو آچار اڃا سوچي رهيو آهي.................