جواب: مددگهرجي
ادا پرنس سنڌ سلامت کي پسند ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔
توهان سميت کوڙ سارن دوستن سان اهو ساڳيو مسئلو آهي خود شروع شروع ۾ مون کي پڻ سنڌي لکڻ ۾ ڏکيائي ٿي آئي۔۔۔ پر مسلسل لکڻ ڪري اهو مسئلو ختم ٿيندو ويو۔۔۔
بحرحال توهان سميت اهڙن سمورن دوستن لاءِ جن کي سنڌي لکڻ ۾ ڏکيائي اچي رهي آهي سنڌ سلامت طرفان هڪ نئين صفحي جو اضافو ڪيو ويندو جتي رهي ڪري دوست سنڌي لکڻ جي مشق ڪندا ۔۔۔ ان صفحي تي ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو ته سنڌي اکر لکڻ دوران ڪي بورڊ تي پريس ٿيندڙ اکرن کي پڻ چمڪايو وڃي ته جيئن لکندڙ کي خبر پوي ۽ ياد رهي ته انگريزي ڪي بورڊ جي ڪهڙي بٽڻ دٻائڻ سان سنڌ جو ڪهڙو اکر لکجي رهيو آهي۔۔۔
فورم جوائين ڪرڻ تي لک لائق۔۔۔