سنڌين کي اپيل / نعرا لکيل ڪرنسي نوٽ نه ڏيو ۽ نه وٺو مان سياست تي تبصري ڪرڻ کانسواءِ سنڌي ڀائرن کي اپيل ڪريان ٿو ته هو نعرا لکيل ڪرنسي نوٽ ڏيتي ليتيءَ دوران نه ڏين ۽ نه وٺن ـ اهڙن ڪرنسي نوٽن جي قانوني حيثيت اڳ ئي ختم ٿيل آهي ۽ اسٽيٽ بئنڪ به اهڙي سمجھاڻي ڏني آهي ـ ڪٿي ائين نه ٿئي ته سنڌي پنهنجي سادگيءَ ۾ مارجي وڃن ـ منهنجي دوستن کي اپيل آهي ته اها ڳالهه ٻين دوستن کي به سمجھائين ـ