هتي ڪير به ۽ ڪڏهن به هميشه خانه بدوش ٿي آيا هجن يا پناھ گير يا کڻي مذهب پرستي تي آيا هجن پر انهن جون نيتون هتي اچي سنڌ کي خوشحال ڏسي هميشه خراب ٿيون ۽ ڌرتي ڌڻين ۾ ڏار وجھي پنهنجا ناجائز مقصد ماڻيا پر اهي وڏو عرصو نه هلي سگھيا نيٺ انهن جو انت ٿيو اها رسم اڃا تائين هلندي پئي اچي ۽ هينئر به هڪڙي همراھ کي ڪا ڳالھ ذهين ۾ ايندي يا ڪا بليڪ ميلنگ ڪرڻي هوندي يا ڪومطالبو مڃرائڻو هوندو آهي ته لنڊن مان ويهي هميشه اڻ ڍنگا بيان ڏئي سنڌ جي نمڪ حلالن جا جذبه مجروع ڪرڻ لاء اهڙا هٿ ٺوڪيا مسئلا پيدا ڪري پاڻ ويهي رهندو آهي جنهن سان زندگيون گذاريندڙ اردو۽ سنڌي ماڻهن ۾ وڇوٽيون پيدا ٿي وينديون آهن جنهن کان پوء نفرت جو اظهار وڌي ويندو آهي پر اها سنڌ کي ورهائڻ واري بيان جي شايد کيس فوبيا ٿي وئي آهي جو جيڏي مهل ڪاوڙجي سنڌ کي ورهائجي وارو بيان تڪيو ڪلام بڻجي ويو آهي پر شايد اهو بيان هن حڪومت کان ڪجھ مطالبه مڃرائڻ يا ڪراچي آپريشن ۾ ڪجھ سهولتون حاصل ڪرڻ لاء اهڙا ڪريل حربا استعمال ڪري رهيو آهي پر شايد هن کي يادگيري هجي ته توهان ته ڇا پر ارغونن، ترخانن،عربن يا ٻين به ڪيترن ئي حملي آورن سنڌ تي ڪاهون ڪيون پر سندن حشر به اهو ٿيو جو وري اڄ تائين به انهن ميري اک سان سنڌ ڏانهن منهن نه ڪيو آهي باقي رهي ڳالھ روز روز ورهاڱي جي ته هاڻ اهو برداشت جو عمل سنڌين لاء موت جو ڪارڻ ئي ثابت ٿي سگھي ٿو هن پليٽ فارم تان اهو ضرور چونديس ته هن جو مٿو خراب به اسان جي ووٽن تي چونڊجي ايندڙ حڪومت ڪيو آهي ان لاء ڪنهن به سنڌيء کي ڪنهن جو آسرو نه ڪرڻ گھرجي ڪنهن به اڳرائي جومنهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيتن کي رڳن ۾ شامل ڪرڻ گھرجي نه ڪو آسروسنڌ جي دعويدار حڪمران پارٽي جو ڪرڻ گھرجي ڇوته هوء اقتدار پسند آهي ان کي اسيمبليء ۾ پهچڻ لاء انهن جي ئي ضرورت پوندي آهي باقي اها صرف هر ڀيري اسان مزاحمت قومپرستن تي ڇڏيون ته اهي ڪندا اهو به سراسر غلط آهي ڇا سنڌي ماڻهو هنن کي سنڌي سمجھي ووٽ ڪونه ٿا ڏين؟ پر خير اڳي به ڪي سنڌ جون نياڻيون، نوجوان روڊن تي نڪتا آهن ته ڀوتارن جي ئي حڪومت هوندي آهي هميشه اهي ڏکيا ڏينهن هنن جي پيرڊ ۾ ڏسڻا هوندا آهن ته هن ڀيري به شايد سنڌين کي پنهنجي غلطين سان هن ئي حڪومت ۾ احتجاج ڪرڻا پوندا جيڪو سندن مقدر ٿو سمجھان هونئن به ڏٺو وڃي ته جڏهن به سنڌ تي ڪي حملا ٿيا آهن ته انهن ۾ “پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾” واري ڪهاڻي رهي آهي پرسنڌ جي نمڪ حلالين ڪڏهن به ڪنهن جو سهارو ناهي ورتو هميشه پنهنجي ڌرتيء جي پاڻ حفاظت ڪئي آهي باقي رهي ڳالھ غدارجي ته ڪهڙو اهڙو دور آيو آهي جنهن ۾ ڪنهن سنڌ تي حملو ڪيو هجي ۽ سنڌ مان ڪوغدار نه ٿيو هجي؟ جن تي به اهي وڏا وڏا لقب ڏسو ٿا اهي سڀ غداري جي تاريخ ۾ اچن ٿا صرف ڏوھ ميرجعفرجو جيڪو گھڻو خوار ٿيو هن وقت به گھڻا ميرجعفر آهن جيڪي ان نسل پرست اڳواڻ جي گود ۾ ويٺل آهن پر اهي ڊڄن به ڇو نه؟ ڪراچي ۾ بنگلا اٿن ڪاروبار اٿن اهي بچائڻ لاء سنڌ تان هٿ کڻڻ ۾ به ڪا ڪسر نه ڇڏيندا جنهن لاء سڀني کي مڙي مٺ ٿيڻو پوندو ۽ رت جا درياء وهائڻ جون ڳالهيون ڪندڙن کي ڇا اهي منهن نه ٿا ڏئي سگھن جيڪي مال جي ڀيل تان هڪ سو ماڻهو ماري ٿو ته هو ڌرتي جي حفاظت به ڪري سگھي ٿو پر جيڪڏهن ڪا کوٽ آهي ته ان سجاڳيء جي ته ڌرتيء جي حفاظت ڪيئن ڪجي ان لاء هر غيرتمند ڌرتيء جي پٽ کي دفاعي پوزيشن مضبوط ڪرڻي پوندي باقي جيڪڏهن اڃا به سبڌ جي دعويدار پارٽي پاڻ کي سنڌي سڏرائي ٿي ته ان کي به ان ڳالھ جو نوٽيس وٺي اهڙي اتحادي کان توبه ڪري جنهن هميشه ڌرتي ماء کي چير ڏيڻ جي شرمناڪ بياني حرڪت ڪئي آهي اهو نه صرف بيان پر هنن جي ذهنن کي حقيقي معنيٰ ۾ ڏٺو وڃي، گذريل ڏينهن منهجي هڪ جاگيردار سان ورهاڱي واري بيان تي ڪچهري ٿي جنهن چيو ته ادي هاڻ اهو وقت پري ناهي جو هو پنهجو حق وٺي ويندا جنهن تي مون چيو ته سائين غريب عورت آهيان جواب ڏيندي ڊپ به ٿئي ٿو پر سچ چوان ته اها توهان جي سوچ آهي جنهن چيو ادي اسان جا سڀ اسيمبلي ۾ ويهي اهو چوندا ته ڀلي پاڪستان ۾ 20 صوبا ٺاهيو جنهن ۾ سڀ متفق ٿيندا ۽ سنڌ جا حڪمران چوندا ته ڀلي انتظامي بنيادن تي ٺاهيوپوء ڏسجو ڪيئن ٿوٺهي ۽پوء انهن جو وڏو وزير گورنر ۽ سڄي ڪابينا ڪيئن ٿي ٿئي. ان لاء سنڌ جي قومپرستن اديبن ڌرتيء سان سچو رهندڙروشن خيال ڀائرن ڀينرن کي گھرجي ته بغاوت نه ئي صحيح پر بغاوت کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکڻ لاء متحد ٿي دشمن جي واري جو انتظار ڪن ۽ ڪنهن به ميرجعفر جي پرواھ نه ڪن هي ڌرتي صوفين ۽ درويشن جي آهي ان جي حفاظت الله ڪندو باقي سنڌ جي غيرتمندن کي وسيلو بڻجڻو پوندو . (مارئي گڏاڻي) ڪراچي.