• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

واڪا ڪرڻ مون وس

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
السلام عليڪم سنڌسلامت ساٿيو..!

سنڌي ٻولي عظيم ٻولي آهي ۽ صدين کان قائم و دائم آهي. سنڌي ٻولي کي صحيح پڙهڻ ۽ سمجهڻ لا هي فورم هڪ اهم ڪردار ادا ڪندو پيو اچي. جيئن ته هي هڪ فورم آهي تنهن ڪري هر رُڪن پنهنجي مرضي مطابق تحرير لکي ٿو ۽ ان جو ذميوار خود پاڻ ئي هوندو آهي نه ڪي انتظاميه . انتظاميه جي مصروفيت کي نظر ۾ رکندي هي ليک لکي رهيو آهيان.
هن فورم تي جيئن جيئن نوان رُڪن ايندا آهن تيئن تيئن فورم جي شان ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو، هي فورم صرف ذيشان رشيد جو ناهي صرف انتظاميه جو ناهي هي فورم سڀني سنڌين جو آهي ۽ جيڪا شي پنهنجي هوندي آهي ان کي خوبصورت ڪرڻ ۾ پنهنجي ئي همٿ ڪرڻي پوندي.
فورم تي ايندڙ نوان رُڪن جيڪي اڪثر موبائل فونز تان آنلائن هوندا آهن انهن تي ته ميار ناهي ڇو ته اڪثر موبائلز ۾ سنڌي ٻولي جا اکر صحيح نظر نٿا اچن، باقي جيڪي دوست ڪمپيوٽر تان آنلائن ٿيندا آهن انهن کي عرض آهي ته سنڌي ٻولي ۾ لکو، غلط يا صحيح پر لکو سنڌي ٻولي ۾. جيڪڏهن غلطيون هونديون ته توهان کي اطلاع ڪيو ويندو ته فلاڻيون غلطيون توهان جي اڪثر تحريرن ۾ پڙهڻ وٽان ملنديون آهن انهن کي درست ڪندا ڪريو. جيئن ڪجهه دوست ، ساٿي ، رُڪن جيڪي انگريزي اسڪولن ۾ پڙهيا آهن يا سنڌي ٻولي کي صحيح نموني نه پڙهيا آهن انهن لا هي فورم وڏو فائديمند آهي. ڇو ته ٻولي سکڻ لا گرامر کان وڌيڪ صحيح لفظن جي ضرورت پوندي آهي ۽ مونکي يقين آهي ته هن فورم تي سٺا، ادبي، معياري ليک لکيا وڃن ٿا جن مان اسان کي ڳالهائڻ لا ڪافي سارا سٺا لفظ ملن ٿا.

منهنجو هي ليک لکڻ جو مقصد آهي ته فورم ۾ اڪثر لفظن جون غلطيون آهن جن جا ذميوار موضوع موڪليندڙ رُڪن ئي آهن، نه ڪي انتظاميه.. ڪجهه وقت اڳ مونکي هڪ دوست ٻڌايو ته هن فورم ۾ سنڌي ٻولي جي حوالي سان ڪافي چُڪون آهن. ته انهن کي ٻڌائيندو هلان ته انهن چُڪن جي ذميوار انتظاميه ناهي، البته ذاتي مصروفيتن ڪري ايڊيٽر ، سب ايڊيٽر فورم تي وقت گهٽ پيا ڏين اها ٻي ڳالهه آهي. پر فورم کي سٺو بڻائڻ ۾ اسان رُڪنن جو اهم ڪردار آهي.
منهنجي سمورن رُڪنن کي درخواست آهي ته سنڌي ٻولي ۾ لکيل لفظن ۾ جيڪي غلطيون آهن انهن کي درست ڪيو وڃي. جيئن مسعلو جو صحيح لفظ مسئلو آهي، اڃين جو صحيح لفظ ائين آهي.. وغيره

والسلام
 
awTMVJr.gif
 
ڀاء عبيد اوهان بلڪل صحيح لکيو آهي .... ڪجهه دوست ته نوان هوندا آهن جيڪي سنڌي لکڻ جي مرحلن ۾ هوندا آهن، انهن جو ته خير آهي پر جيڪي چُڪون يا غلطيون سينيئر دوست ڪن ٿا انهن کي گهرجي ته موضوع موڪلڻ کانپوء ان کي هڪ دفعو پڙهن ۽ درستگيون ڪن.

اسان جي به ڪوتاهي آهي جو وقت نه هجڻ سبب فورم جي غلطين جون وقت سر درستگيون نه ڪري سگهيا آهيون.
 
Back
Top