گوگل Android One,سستا سمارٽ فونز ٺاهڻ جو هڪ پروگرام

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
تازو گوگل پنهنجي I/O ڪانفرنس جون 2014 ۾ هڪ پروگرام جو اعلان ڪيو هو،جنهن کي Android One جو نالو ڏنو ويو.
android_one_001-624x351.jpg
هن پروگرام جو مقصد سستا ائنڊرائيڊ فون متعارف ڪرائڻ آهي.
سمارٽ فون ۾ سافٽوير ۽ هارڊويئر گوگل جو پنهنجو ڊزائين ٿيل هوندو.
ائنڊرائيڊ ون موبائيل فون ٺاهيندڙ ڪمپنين کي سستا ائنڊرائيڊ فون ٺاهڻ ۾ مدد ڪندو
android-one-features.jpg

ائنڊرائيڊ ون ۾ مزي جي اها ڳالھ آهي ته هي پاڻمرادو اپڊيٽ ٿيندو

ائنڊرائيڊ ون ۾ 4.5 انچ اسڪرين،1جي بي ريم،1.3 گيگا هرٽز ڪيوڊ ڪور پروسيسر،ڊبل سم.مين 5ايم پي مين ڪئيمرا،2 فرنٽ ڪئميرا،ايف ايم ريڊيو ۽ ميموري ڪارڊ شامل آهي.
micromax-android-one-250614.jpg
ڪالھ ائنڊرائيڊ ون جي شروعات ڀارت کان ڪئي وئي جنهن ۾ ڀارت جي ٽن موبائيل ڪمپنين جهڙوڪ:مائڪروميڪس،ڪاربون ۽ اسپائيس پنهنجا ائنڊرائيڊ ون موبائيل فونز لانچ ڪرايا.جنهن ۾ هر سيٽ جي رقم 6000 کان 6500 تائين رکي وئي.

انڊيا کان پو Android One فونز پاڪستان،سريلينڪا،بنگلاديش،انڊونيشيا،فلپائين ۽ نيپال ۾ هلندڙ سال جي آخر ۾ لانڇ ڪيا ويندا.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ڀارت ۾ متعارف ٿيڻ کان پو گوگل هاڻي هن پروگرام کي بنگلاديش،سريلنڪا ۽ نيپال ڏانهن وٺي ويندي.
گوگل شروعاتي طور ٽن ملڪن مان ڪجھ هفتن ۾ بنگلاديش ۾ پهريون ائنڊرائيد ون سمارٽ فون متعارف ڪرائيندي.
ٿي سگهي ٿو ته ان کان پو گوگل باقي رهيل ملڪن پاڪستان،انڊونيشيا.فلپائن ۾ جلد ئي متعارف ڪرائي
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top