هي مُنهُن ڏيئي ٻَن،تون وِهُه کائي نه مرين؟
تان جَي مليرَ ڄايون، تَوسين سَڱ نه ڪَن
تون ڪيئن مَنجَهان تَن، ٿي پَاڻُ ڪوٺائين مارئي.
سُرُ مَارُئي
ڏکين لفظن جي معنى
ٻَن = کَڏَ ۾ وجهي
وهُه = زهر
تان جي= ته جيڪر
سَڱ = ناتو، رشتو، واسطو، سُٻنڌ
ڪوٺائين = چوائين
بيت جو منظر
هي سهڻو مُنهُن مهانڊو ۽ ٺاهه ٺوهه کَڏ ۾ اُڇلين هان ۽ زهر کائي مري وڃي هان ته بهتر هيو.
تون جي زهر کائي مرين هان ته ماروئڙن جا توسان سڀ ناتا رشتا ۽ لڳ لاڳاپا به جيڪر ختم ٿي وڃن هان.
ملير جا مارو ته بهادر ۽ غيرت مند آهن تون پاڻ کي انهن سان نه ڳنڍ ، تون پاڻ کي ڪيئن ٿي مارن منجهان سمجهين.
سمجهاڻي
دنيا جي ٻين عظيم شاعرن جيان ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جو وڏو حصو پڻ تمثيلي ۽ علامتي آهي. علامتي شاعريءَ ۾ ظاهري ڳالهه ڪا ٻي هوندي آهي ۽ ان جي پٺيان راز وري ڪو ٻيو هوندو آهي. هن بيت ۾ جيڪا مارئيءَ کي کي تنبيهَه ڪيل آهي سا دراصل ڀٽائي اڃان ڪا ٻي ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهي.
ياد رهي ته مارئي عمر سان پاڻَ نه وئي هئي پر ڏاڍ,جبر ۽ زبردستيءَ ذريعي کنئي ۽ کنڀي وئي هئي.
هن بيت ۾ ڀٽائي سنڌ جي سڀني غدارن ۽ ديس دروهين کي للڪاريو آهي. سنڌ وڪڻي انعام ۾ ڪيٽيون، جاگيرون ۽ ڪرسيون وٺڻ کان اڳ جيڪر توهان کي ٿورو به شرم هجي ها ته ڪنهن کوهه ۾ غوطا کائي ٻڏي مري وڃون هان ته جيئن هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن سان اوهان جا سڀ رشتا ئي ختم ٿي وڃن هان.
او اڙي سنڌ جا غدارئو...!!
توهان کي اڃان به سنڌي سڏائيندي ذرو به حياءُ نٿو ٿئي.
______
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: