محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
شهيد بشير خان کي لڙڪن ۽ سڏڪن ڀريئل ڀيٽا.
(بخشل مهراڻوي)
جنهن وقت به ڏکيا ڏينهن آيا ٿي، تو سنڌ مٿان ٿي ساه ڏنو،
هنن هيڻن جهيڻن جهانگيئن کي ٿي ڏڍ ڏنو، ويساه ڏنو.

او ڳڀرو ڳاڙهن جهنڊن سان، تون جندڙي ڏي جونجهار هئين،
تون ڌرتي ماتا جيجل جو ۽ سنڌڙي جو سينگار هئين،
تون ڪوڙ ڪفر جي ڪوٽن لئه للڪار هئين، تلوار هئين.
او ارڏا پٽ سڌيرن جا هن ديس دکي دلگيرن جا ۽ صوفي سنت فقيرن جا،
ڇا تنهنجي سوچ سگهاري هئي، هر پاسي هر جا ڀاري هئي،
جا جوت جلائي تو جوڳيئڙا تنهن روشن راه ڏيکاري هئي.
او جوڌا تنهنجي جلون مان، هن ڏيه ڏٺو ٿي آئيندو،
جنهن ڪاله ڪلاچي ڌوڏي هئي سو سڏ هو سوراج سندو،
تون دردوندي تدبير هئين، هن ڌرتي جي تقدير هئين،
او جيءُ جيارا جانيئڙا، تون خوابن جي تعبير هئين.
پر مون نه ايئن ڪو ڄاتو هو، تون انت وٺي انڌڪار ڪندين،
هن ديس کي ڪارو ويس ڏيئي، سڀ ويڙها تون ويران ڪندين.
ڏس سنڌو تنهنجي صدمي ۾ اڄ ڳوڙها ڳوڙها ٿي ويئي آ،
هر گهر ۾ ماتم برپا آ ۽ گهوڙا گهوڙا ٿي ويئي آ.
پر يار قسم آ وطن جو، هن ڳاڙهي تنهنجي ڪفن جو،
جو پنڌ اڌورو رهجي ويو ، سو پنڌ اسان کي ڪرڻو آ
بس جيجل خاطر جيئڻو آ ۽ ماتا خاطر مرڻو آ.