وڪي ليڪس هڪ وڌيڪ ڌماڪو ڪندي جرمني ۾ تيار ٿيندڙسرويلينس سافٽويئر جون ڪاپيون پنهنجي ويب سائيٽ تي ڊائونلوڊنگ لاءِ پيش ڪيون آهن.. هي سافٽوير جيڪو بنيادي طور هڪ وائرس آهي جيڪو پوري دنيا جون انٽيليجنس ايجنسيون پنهنجي خاص ٽارگٽ تي نظر رکڻ لاءِ استعمال ڪري رهيون آهن... فن فشر (FinFisher) نالي ڪمپني جنهن جو تعلق جرمني سان آهي.. هڪ اهڙو سافٽويئر ٺاهي کپائيندي آهي جيڪو ونڊوز، ميڪ، لينڪس، اينڊرائيڊ، بليڪ بيري، آئي اوايس، سيمبيئن ۽ ونڊوز فون تي هلندڙ سمورين ڊيوائيسز ۾ لڪي داخل ٿيندو آهي ۽ ڊيٽا چوري ڪندو آهي.. هن ڪمپني جو نالو ان وقت ظاهر ٿيو جڏهن ڊسمبر 2011 ۾ وڪي ليڪس پهريون دفعو انهن جي پروڊڪٽس ۽ ڪاروبار جا تفصيل جاري ڪيا هئا.. وڪي ليڪس جي انڪشاف کان پوءِ ڪيترائي تحقيق ڪندڙ پنهنجي رپورٽس ۾ فن فشر جي پروڊڪٽس بابت پوري دنيا ۾ موجودگي ۽ ۽ انهن صحافين ۽ سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ٿيڻ جي حوالن سان انڪشاف ڪيا آهن.. وڪي ليڪس جي ويب سائيٽ مطابق پاڪستاني ايجنسيون به اهڙو سافٽويئر استعمال ڪرڻ وارن ۾ شامل آهن.. ۽ ان ذريعي ڪافي ٽارگيٽس کي فن فشر جي وائرس سان متاثر ڪيو آهي.. هڪ سپورٽ ٽڪٽ جيڪا ڪنهن پاڪستاني ايجنسي جي ڪارڪن فن فشر ڏانهن موڪلي هئي گڏ ان بابت اسڪرين شاٽ به لڳايو ويو آهي.. ان اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترائي انڊين ڪمپيوٽر متاثر ڪيا ويا آهن.. جڏهن ته ڪجهه پاڪستاني ڪمپيوٽر پڻ موجود آهن.. وڪي ليڪس جي پريس رليز (جنهن ۾ ڊائونلوڊ جو رابطو به ڏنو ويو آهي..) هن لنڪ تي ڏسي سگهجي ٿو.. جڏهن ته هن سافٽويئر جي خريدارن جي فهرست ۾ انهن جا سپورٽ ٽڪيٽ هن لنڪ تي ڏسي سگهجن ٿا.. وڪي ليڪس وارن جو چوڻ آهي ته هن سافٽويئر جي رليز ٿيڻ کان پوءِ ٽيڪنيڪل ماهر ان قابل ٿي ويندا جو هو فن فشر جي پروڊڪٽس خلاف اينٽي سافٽويئر بڻائي سگهندا.. ۽ ان جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم کي ڳولي لهندا..
اصل مري وياسي پرائي ڳوٺ ۾ هاڻي ڇا ڪجي ڪو بچا جو طريقو ، باقي پاڻ ته فقير ماڻهو کهلا کائو ، ننگا نهائو ڪا ڳالهه ئي نه اهي
بهترين ونڊ. اڳ ان بابت خبر ئي نه هئي ته اهو سافٽويئر ايترو عام ٿيندو. اسان جي ڪمپيوٽرز ۾ اهڙي ڪا به ڏيٽا ئي ناهي جيڪا چوري ٿيڻ کان پو پريشان ڪري.