منصور سرور
سينيئر رڪن
سيد يار محمد شاھ
اڄ اوطاق ۾ ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڪامريڊ سليم کي الطاف ڀائي جيڪا طاهرالقادري ۽ آمريڪي پلان مطابق 20 صوبن واري ڳالهه ڪئي آهي، ان تي بحث هلي رهي هئي، مٿان وري جهوني جوڳيءَ چيو ته ميان داعش نالي تنظيم آمريڪا، شام کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺاهي، ان ۾ طالبان ۽ القائده کي، افغانستان ۽ پاڪستان جي آپريشن وارن علائقن مان روانو ڪري، پنهنجي فوج وٽ پيل باسي بارود کي ختم ڪري جديد خريد ڪري آپريشن ڪيو ويو، ٻئي طرف آمريڪا کي عراق جي تيل کي حاصل ڪرڻ لاءِ داعش جهڙي تنظيم کي عراق جي سر زمين تي پنهنجي اتحادي فوجن جي ذريعي داعش جي جنگ جو ڊرامو رچايو آهي، ۽ جڏهن ته هو شام ۾ حافظ بشارت جي حڪومت کي ختم ڪرڻ ۽ ايران کي تنگ ڪرڻ ۽ هر مسلم رياست جو تيل حاصل ڪرڻ لاءِ جرمني، اٽلي، برطانيه ۽ سعودي، ترڪي، قطر، گڏجي آمريڪي پلان مطابق تيل تي قبضو ڪرڻ واري سمورين ڪاررواين جو حصو آهن ۽ رهندا، جڏهن ته ايران، آمريڪين جي اها آڇ ٺڪرائي ڇڏي ، جنهن ۾ هن داعش کي ختم ڪرڻ لاءِ ايران کي ساٿ ڏيڻ جو چيو، ايران چيو ته اها کلم کلا تيل حاصل ڪرڻ جي آمريڪي نئين 30 سالن جي منصوبا بندي آهي، جنهن تحت هو پنهنجي اتحادن جي معرفت داعش کي مارڻ بهاني مسلمانن جي رياستن ۾ گهرو ويڙھ جهڙي صورتحال پيدا ڪري رهيو آهي، هتي وري اسانکي فرقي پرستي، قوم پرستيءَ جي عنوان سان هاڻ وري تو واري الطاف ڀائي جي وات ۾ صوبن واري مرلي وڌي اٿن، لنڊن مان ويهي وري سنڌي اردو ڳالهائيندڙ ويڙهائي ۽ ڪراچيءَ ۾ محرم کان اڳ شيعه سني ماحول کي به تيز ڪيو وڃي، جيئن هن وقت دنيا کي خبر پئجي وئي ته دنيا جو سٺو ۽ گهڻو تيل سنڌ ۾ به آهي، جنهن ۾ صرف ضلعي سانگهڙ ۾ 85 کوهن کي تعلقي ٽنڊوآدم ۾ ئي کوليو پيو وڃي، ۽ تازو ضلعي مٽياري ۾ به تيل ۽ گيس، سٺي ڪوالٽيءَ وارو، سٺي مقدار ۾ موجود آهي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي…..
تڏهن مواليءَ ڪاوڙ ۾ چيو ته ادي الطاف کي وري اوچتو ڇا ٿي ويو آهي؟… جو سنڌين جي ستل غيرت کي جاڳائي ، وري سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو سڪون برباد ٿو ڪري، هڪ طرف ٽارگيٽ ڪلنگ پئي ٿئي، ته ٻئي طرف قبضو ۽ ڀتو، ٽئي طرف اي اين پي وارن سان اندرين ويڙھ ۽ رينجرس وارن کي ڌمڪيون، عقل وارو هجي ته هن وقت سڄي سنڌ جي مالڪي ڪري سگهي ٿو، بلڪه هاڻ هن صوبي ۾ رهندڙن مان اردو ڳالهائيندڙ، ٻيو پٺاڻ، ٽيون ڪاٺياواڙي، خواجه ۽ هندو برادريءَ وارا ئي خوشحال ليکيا وڃن ٿا، جڏهن ته اصل سنڌي لکن جي تعداد ۾ پيا پنن، اسڪول بند، ماستر هڙتالن تي، ۽ باقي جيڪي غريب اڳوڻي ٻوڏ ۽ برساتن ۾ ڪچو ٻوڙائي پڪي تي پنڻ آيا هئا، تن وري به وڃي ڪچو وسايو هو، وري به اهي ئي ٻڏندا ۽ پنندا ايندا، هاڻ سنئون سڌو ايم ڪيو ايم وارن الڳ صوبي يا انتظامي يونٽ واري ڳالهه شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ ان مان نتيجو اهوئي نڪرندو ته رد عمل ۾ سنڌي ريليون ڪڍندا ۽ مهاجرن جي ان سوچ خلاف چاڪنگ ٿيندي، ڀائيجان، ۽ ادا وارا ڀڀڙ ڀڙڪائي پاڻ وڃي فائر برگئيڊ تيار ڪندا، ڇو ته جيکي دکائين سي ئي وسائين…….
تڏهن مون چيو ميان موالي تون سچ ٿو چئين اسانجي قوم پرستن ويچارن سدائين قوم کي جاڳائڻ لاءِ جيل، ڪوڙا، گوليون ۽ باهيون ئي نصيب ٿينديون آهن، باقي هن وقت ڏيهي پرڏيهي ادارن جون اکيون آصف زرداريءَ تي لڳل آهن، جن جو مٿس اعتبار به گهٽ آهي، ته وري هن ملڪ ۾ سندس جهڙي شخصيت جي گهرج به کين ڏاڍي آهي، سو نه چاهيندي به هن سان ڏيهي پرڏيهي ادارا ڪي ننڊا وڏا سودا ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، آمريڪي سفير بلال هائوس ۾ زرداري صاحب سان ملاقات ڪئي…….. هاڻ باقي بچيل سنڌ ۽ سنڌين جي مالڪي زرداريءَ وٽ به آهي، پر جيڪڏهن وري به کيس ملڪ گير سياست ڪرڻ جو ماحول ميسر ٿيو ته اها لولي لنگڙي جمهوريت، جنهنجا سڄي جسم ۾ اينٽي جمهوريت بيماري جا جزا پکڙجي ويا آهن ۽ هاڻ عضوا وڍڻجڻ جو مرحلو شروع ٿيڻ وارو آهي، جيڪڏهن اڄ به سنڌي چينل، اديب فاضل، ليڊر، اخبارون گڏجي ادي الطاف کي سمجهائين ته اردو جو وزيراعليٰ تڏهن ٿيندو، جڏهن سڀ سنڌي گڏجي سنڌ جو ڪو حلالي پٽ چونڊيندا، جيڪو پاڪستان ۾ رهي سنڌ ۾ سنڌين جا حق وٺي سگهي ۽ سنڌين کي سچو سنڌي ۽ پاڪستاني بنائي سگهي، نه ڪي ايم ڪيو ايم جو مهاجر يا سيد پير يا ٻروچ ڪو سيٺ يا ڪو سردار ۽ وڏيرو، بلڪه ڪراچي وارا ڳالهه کي سمجهي ويا ته سچا سنڌي اڳتي هلي اهي ئي ٿيندا جيڪي خالص سنڌي ۽ پاڪستاني هوندا نه ڪي هندو ، مسلم ، شيعه، سني، وهابي، بريلوي، وغيره وغيره، بس قوم کي اها تاريخي تقرير قائد اعظم واري هاڻ هر اسڪول ۾ قومي تراني کان اڳ ۽ هر اداري، هر آفيس ۾ سلوگن ۽ قائد اعظم جا قول جڏهن سمجهندا ته پوءِ لطيف سرڪار واري سنڌ به سمجهه ۾ ايندي جنهن لاءِ مرشد ٿو چئي ته “حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو”…. ۽ پوءِ ئي اصلي سنڌي گڏجي سنڌ جي مالڪي ڪندا، هينئر ته سنڌ پهرين گدڙن کان ڇڏرايون ۽ پوءِ شيهن جو پهرو لڳرايون ته پوءِ ڪا سنڌ بچي ته بچي باقي جي سنڌين جا اهي ئي ٻرن ۾ هٿ هوندا ته پوءِ جهڙا ڄاوا تهڙا نه ڄاوا……، فقير دعا ڪر……. فقير؛ بابا جهڙي نيعت تهڙي مراد.