هڪ همراھ ڪنهن سادي سودي ماڻهوءَ کي چيو، خبر اٿئي ته دنيا ۾ انسان هڪ اهڙِي شيءَ ايجاد ڪئي آهي جنهن کي استعمال ڪرڻ وارا پنهنجي (جنس ) مٽائڻ ۾ ڪو به شرم محسوس ناهن ڪندا. ان سادي قسم جي همراھ پڇيس ته ابا اُها وري ڪهڙي شيءَ آهي ؟ ! تنهن تي ان همراھ وراڻيو ” فيس بڪ “ ____ محسن ميمڻ جي فيس بوڪ وال تان ورتل
يا ادا واقعي توهان درست اقتباس ورتو آهي بلڪل ائين ئي آهي مون وٽ ڪافي دوست جن کي مان چيٽ ڪندي پڪڙيو آهي اهي دوست ڇوڪريون ٿئي مون سان ئي چيٽ ڪندا آهن بهرحال اهو ته انهن جو مسئلو آهي خبر نه اهي ڇو پنهنجي جنس مان ڇو خوش نه آهن فقير
يار اها ايجاد تڏهين ٿي آهي جڏهين اسان ڪراڙا ٿي ويا آهيون . هن عمر ۾ ڀي الائي ڪهڙيون ڪهڙيون بلائون ، خوبصورت ڇوڪريون بنجي ، فيس بوڪ تي بيوقوف بنائڻ جي لاءِ ڪهڙا ،ڪهڙا نه جتن ڪري رهيون آهن . اسان وري ٿڌا شوڪارا ڀري ،ٿا ويٺا ڪمپيوٽر ۽ فيس بوڪ جهڙين شين جوڙيندڙن کي ڪوسيون ته ان وقت ڪيڏانهن مري ويا هئا ،جڏهين اسان جوان هياسين .
سائين.....دل جوان هجي ته عمر سان ڪهڙو فرق پوي ٿو؟ تازو ميڊيا ۾ فوٽو سان گڏ خبر آئي آهي ته ذوالفقار کوسا ـ پنجاب جي سياستدان 80 ورهين جي ڄمار ۾، خان آف قلات جي ڏوهٽيءَ سان ٻي شادي رچائي آهي جنهن جي ڄمار 35 ورهيه آهي ـ
سائين مون به ڪيترن ڇوڪرن ۽ کدڙن کي ڇوڪرين جي نالن ۾ چيٽ ڪندي پڪڙيو آهي، هاڻ ته ڪنهن ڇوڪريءَ يا عورت سان چيٽ ڪرڻ تي دل ئي نه ٿي ٿئي ـ اهڙا ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي جنس کان مطمن ناهن ته پوءِ بهتر آهي ته لاهور جي هڪ اسپتال مان وڃي پنهنجي جنس آپريشن ذريعي بدلائين ـ
ههههههههه بلڪل سهي چيو توهان نه رڳو مرد جنس مٽائين ٿا پر عورتون به فيسبڪ تي مردن جو آئيڊيز استعمال پيون ڪن
بابلا ! ان استاد جو نالو ۽ پتو ته ڏسيو، جو اهڙين ڪوڙين آئڊيز جوڙڻ وارن کي ڳولهي پنهنجي جان ڇڏائجي ،نه ته منهنجو ته صفا ڪم ئي لاهي ڇڏيو اٿن .
سائين عبدالڪريم چانڍيو صاحب السلام عليڪم.سائين منهنجا توهان انهن سڀني تي امپرسونيشن انڊر سيڪشن 319 پاڪستان پينل ڪوڊ جي تحت ڪيس داخل ڪرائي انهن سان اهڙي جٺ ڪيون جو هنن کان اهو وسري وڃي ته حقيقت ۾ انهن جي جنس ڪهڙي آهي.(هههههههههههه هههههههههههههههههههه)
محترم غلام مصطفى ميمڻ صاحب ! الائي ڪهڙي عدالت جو ڏس پيا ڏيو. پاڪستاني عدالتون به ان سستم جو حصو آهن . جتي مون پاري مسڪين کي انصاف ملڻ وارو عمل ڏاڍو ڏکيو آهي . تنهن ڪري صبر سان اهڙين زيادتن کي برداشت ڪري ،پوڙهائپ ۾ دل وندرائي رهيا آهيون .