ها ٻڌي ڇڏ سنڌ جي معاملي تي سنڌي سدائين هڪ آواز هڪ صدا هوندا آهن پوئتي نهاري ڏس هنن ڪمينن انگريزن سنڌ کي انتظامي مفلوج بڻائي بمبي ساڻ ملايو پر منهنجي ڏيهي ڏاگهن انهن سوئرن جي سوچ کي للڪاري ڪري اهو ٿوپيل فيصلو واپس ڪرايو ۽ سنڌ وري جيئري ٿي جهان ۾ ...ها وري تنهنجي ذليل سوچن سان سهڪاري سوداگرن سنڌ جي وجود سان جهيڙيندي ون يونٽ جو تصور ڏنو ...تنهن تي به هي سوره جا سپوت سرواڻ سنڌي جن جا اڄ به جيئرا جاڳندا جيءَ آهن للڪاري ،وجود جي بقا کي قائم رکيو ۽ تنهنجي همدردن جي همٿ کي هارائي وري سنڌ امڙ کي شناخت ڏياري ۽ سلسلي صدين جي کي جاري واساري رکيو ...هي پري جي نه پر هن دور جو داستان ٿو ٻڌايان توکي اي وطن جا ويري شيطان مردود .........هاڻي سوچي ڏس ته تاريخ ڇا ڳائي رهي آ ۽ ٻڌائي رهي آ....