ادا ذيشان رشيد، منهنجو نالو ممتاز ڪنڀر آهي آئون مٺي شهر جو رهواسي آهيان جيئن ته مون کي سنڌ سلامت جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ نه هئي پر سندن هڪ دوست نالي سائل مهراڻ سان واسطي کانپو سنڌ سلآمت فورم جي ڄاڻ ملي جيڪا سنڌين جي هڪ وڏي سڄاڻپ آهي. آئون ڪو وڏو شاعر يا دانشور ته ناهيان لکڻ جي ڪرت به منهنجي خاص نه آهي، پر ادب پڙهڻ سان پوئين ڪجهه سالن کان ساٿ نڀايو پيو اچان. سنڌين جو هن سنڌ سلامت فورم تي اچي ڏاڍي خوشي ٿي آهي.
ادا ممتاز ڪنڀر اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪجي ٿي. اميد ته اوهان به پنهنجي ئي فورم تي پنهنجا رايا، احساس ۽ لکڻيون موڪليندا رهندا.
مهرباني سائين ممتاز ڪنڀار اوهان کي سنڌ سلامت تي اچڻ تي ڀليڪار، هن ۾ مون ڪو خاص ڪم نه ڪيو آهي، اوهان سنڌي ڀائرن جي لا ئي هي فورم آهي،
ادا ممتاز ڪنڀرالسلام عليڪم!اسان توهان کي هن محبتي اڱڻ جو گهر ڀاٿي ٿيڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئون ٿا ۽ اميد رکون ٿا ته توهان پنهنجي ليکن سان هن جي زينت ۾ اضعافو ڪندا.