هڪ انجنيئر ڪيترا ئي سال ڊگري کڻي گهمندو رهيو پر کيس ڪٿي به نو ڪري نه ملي ته سوچيائين ڇو نه وڃي ڪلينڪ کوليان. همراهه وڃي ڪلينڪ کولي ۽ دروازي تي وڏن اکرن سان لکيائين دوا وٺڻ جي فيس 3 سئو روپيه. اگر دوا اثر نه ڪري ته 1000 روپيه واپس ڪيا ويندا. هڪ همراهه اهو اعلان پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو چيائين اڄ 1000 هزار روپيه ڪمائڻ جو سٺو موقعو آهي. ويو ڪلينڪ تي ۽ ڊاڪٽر کي چيائين منهنجي ذائقي واري قوت ختم ٿي چڪي آهي ڪنهن به شي جو ذائقو محسوس نه ٿو ٿئي. ڊاڪٽر نرس کي چيو 22 نمبر باڪس مان دوا کڻي کيس 3 قطرا پيار. نرس جڏهن قطرا سندس وات ۾ وڌا ته رڙ ڪري چيائين هي ته پئٽرول آهي. ڊاڪٽر چيو الحمد لله تنهنجي ذائقي واري قوت موٽي آئي. ڪڍ 300 ٽي سئو روپيه. ٻئي ڀيري ساڳئي ماڻهو سوچيو اڄ ڇو نه پراڻا پئسا به واپس وٺي اچان وري اچي ڊاڪٽر کي چيائين: منهنجي يادداشت ختم ٿي چڪي آهي مون کي دوا ڏيو. ڊاڪٽر وري نرس کي چيو 22 نمبر باڪس مان دوا کڻي ان جا 3 قطرا کيس پيار. ته رڙ ڪري چيائين ڊاڪٽر صاحب ان ۾ ته پئٽرول آهي. ڊاڪٽر چيو الحمد لله تنهنجي يادداشت واپس اچي وئي ڪڍ 300 ٽي سئو روپيه. فيس بڪ تان کنيل
هاهاهاها ... لڳي ٿو اسان مان گهڻن کي اها ڪلنڪ کولڻي پوندي. ڪجهه دوستن کي ته واڍڪو ڌنڌو ڇڏڻو پوندو. ڇو ته هاڻي دريون ٺاهڻ به سوليون ناهن ... ڪيئن عرس پريو صاحب