جدو (ع آ نيوز) هڪ سعودي شخص کي ڪنواريتن عجيب ۽ غريب مطالبو ڪري حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو، هو شادي لاءِ آءِ فون 6 کي مارڪيٽ ۾ اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي. ڇوڪريءَ جي ڀاءُ ڇوڪري کي ٻڌايو ته جيڪڏهن هو شادي لاءِ سنجيده آهي ته آءِ فون 6 کي مارڪيٽ ۾ ايندي ئي ايندڙ گهر واريءَ لاءِ سوکڙي طور خريد ڪري ڇڏي نه ته رشتي کان انڪار سمجهي! ڇوڪري جي سامهون اهو مطالبو ايندي ئي ڇوڪرو وائڙو ٿي ويو آهي ۽ هڪ پاسي ته هو شادي لاءِ گهڻي دلچسپي سبب آءِ فون 6 خريد ڪرڻ تي غور رهيو آهي ۽ ٻئي پاسي سندس کي اها صلاح ڏني پئي وڃي ته ان شاديءَ لاءِ صبر ڪرڻ ئي سٺو آهي. واضع رهي ته عرب معاشري ۾ ڪجهه علائقن ۾ رواج آهي ته مڙس زال کي قيمتي تحفا سوکڙي طور وٺي ڏيندو آهي.