سنڌي پڙهائڻ لاءِ بنگالي ۽ گلگتي ماسترن جون ڀرتيون (اسحاق سومرو)

'مختلف موضوع' فورم ۾ آفتاب احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏19 سيپٽمبر 2014۔

  1. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    سنڌ جو تعليم وارو کاتو سڀ کان وڌيڪ ملازم سڀ کان وڌيڪ بجيٽ کپائيندڙ ۽ وڌ کان وڌ ٻاهريان قرض حاصل ڪندڙ کاتو آهي. 2 لکن کان وڌيڪ ملازم پاليندڙ هي کاتو پنهنجي ڪارڪردگي، نااهليءَ، توڙي ڪرپشن ۾ سالن کان وٺي پهرين نمبر تي آهي. تازو وزير تعليم نثار کهڙي جي انهيءَ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ته ڪراچيءَ ۾ سنڌي پڙهائڻ لاءِ اڳئين حڪومت ۾ مقرر ٿيل سنڌي لينگوئيج ٽيچرس لاءِ 400 بنگالين ۽ 200 گلگتين کي مقرر ڪيو ويو هو. سندس مطابق 1425 جڳهين تي 13 هزار جعلي ڀرتيون ڪيون ويون. هن اهو به چيو ته هڪ ايجوڪيشن ڊسٽرڪٽ آفيسر سندس اڳيان اهو اعتراف ڪيو ته هن 37 جاين تي 200 ملازمن کي پوسٽنگ آرڊر جاري ڪري کين جوائن ڪرايو. انهن 2 سال اڳ ڪيل مقررين کي هن غير قانوني قرار ڏئي کين ايندڙ مهيني ۾ نيشنل ٽيسٽنگ سروس NTS ۾ ويهڻ جو مشورو ڏئي کين پگهارون جاري ڪرڻ ۽ پڪو ڪرڻ کان انڪار ڪيو. انهيءَ کان اڳ به سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ استادن جي پگهارن واري ڪيس ۾ سنڌ جي تعليم واري سيڪريٽري تحريري بيان جمع ڪرائيندي اهو اعتراف ڪيو آهي ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتيون ڪيون ويون آهن.

    سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڳريون رشوتون وٺي خصوصن ماسترن، پٽيوالن، ڪلارڪن ۽ چوڪيدارن جون ڀرتيون ڪرڻ جو ڌنڌو تمام پراڻو آهي ۽ هيءُ ڪڌو ڌنڌو يقينن اعليٰ عملدارن توڙي ان وقت جي وزيرن جي ملي ڀڳت سان ئي هلندو پي رهيو آهي. هاڻي جڏهن سنڌ حڪومت پاڻ ئي ڪورٽ ۾ اعترافي بيان داخل ڪرايو آهي ۽ ماسترن جي آئنده ڀرتين لاءِ ٽيسٽ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. هاڻي ان عمل کي سٺو سمجهڻ کپي. موجوده وزير تعليم جي انهيءَ پختي مؤقف جي نه رڳو حمايت ڪرڻ کپي پر اهليت تي ڀرتين کي شفاف ۽ يقيني بنائڻ لاءِ ميڊيا، سول سوسائٽي کي هاڻ پنهنجو سرگرم رول ادا ڪرڻ گهرجي.

    جيڪڏهن سنڌ جي تعليم وارو کاتو هاڻي واقعي به سنجيده آهي ته هن لاءِ هي سونهري موقعو آهي ته کاتي جي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ لاءِ سخت قدم کڻي. افسوس ته سنڌي پڙهائڻ لاءِ بنگالين ۽ گلگتين جون ڀرتيون ظاهر ڪن ٿيون ته پ پ جي اڳئين حڪومت ۾ پئسن ۽ سفارش جي عيوض سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان دشمني ڪئي وئي، جيڪا نه رڳو قابل مذمت آهي، پر اها ناقابل برداشت پڻ آهي. هاڻي اڳئين توڙي موجوده وزير تعليم جي اعتراف کانپوءِ ڪورٽ کي انهيءَ جي مڪمل جاچ ڪري اهڙي ڪڌي ڪم ۾ ملوث ماڻهن کي سزائون ڏنيون وڃن. ان سلسلي ۾ موجوده حڪومت طرفان اهڙيون جعلي ڀرتيون ڪندڙ 18 کان وٺي 21هين گريڊ جي 6 آفيسرن کي مڪمل طور تي برخواست ڪرڻ تعليم کاتي جو هڪ سٺو عمل آهي، پر سنڌ ۽ سنڌ جي اهڙن مڙني تعليم دشمن آفيسرن کي نه رڳو برخواست ڪيو وڃي، پر کين ڳريون سزائون ڏئي، سنڌ ۾ بهتر تعليم ۽ اهليت تي مقررين جي شروعات ڪئي وڃي، جيئن سنڌ ۾ تعليم جو معيار بهتر ٿئي، جيڪو هاڻي بدترين حالت ۾ آهي.

    تعليم کاتي جي ويب سائيٽ تي رکيل انگن اکرن ۽ تفصيلن جي غور سان مطالعو ڪرڻ مان ڪجهه چڱيون شيون به نظر اچن ٿيون. جن مطابق گذريل ستن سالن ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم واري کاتي جي دعويٰ آهي ته هنن 2008ع کان وٺي 2014ع تائين 34 هزار 9 سؤ پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪولن جي استادن جون ڀرتيون باقاعده ميرٽ تي اين ٽي ايس ۽ سنڌ يونيورسٽي طرفان منعقد ڪيل تحريري امتحانن ذريعي ڪيون آهن، جنهن مان 2008ع ۾5 هزار 7 سؤ، 2010ع ۾ 8 هزار 5 سؤ ۽ هاڻي 2013ع ۾ ڪرايل ٽيسٽ جي نتيجي ۾ 20 هزار 7 سؤ مقرريون ڪيون ويون آهن.

    ميڊيا جي تحقيقي رپورٽ ڪندڙ توڙي سنڌ جي مسئلن تي باقاعدگيءَ سان لکندڙن لاءِ به اهو چئلينج آهي ته اهي گهٽ ۾ گهٽ تازو 20 هزار 7 سؤ ماستريءَ جي مليل آرڊرن جي جاچ پڙتال پڻ ڪن ته اهي واقعي به ميرٽ تي ٿيا آهن يا حڪومت جي دعويٰ غلط آهن.

    منهنجي تعليم واري کاتي جي ويب سائيٽ ۽ ٻئي رڪارڊ جي پڙهڻ کانپوءِ جيڪا ڳالهه نظر آئي آهي ته 1985ع کان وٺي 1997ع تائين جيڪي ماستريون ڪوٽا تي ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي ڏنيون ويون هيون. جيڪي محمد خان جوڻيجي، پ پ جي ٻنهي دورن توڙي نواز شريف جي دور ۾ ڏنل آهن، اهو ڪوٽا وارو سلسلو 1997ع کانپوءِ بند نظر اچي ٿو، اهو بعد جي پ پ جي حڪومت توڙي ٻين حڪومتن ۾ به نظر نٿو اچي ۽ ان کانپوءِ جيڪي به ماسترن جون ڀرتيون ٿيون آهن. گهٽ ۾ گهٽ سياسي بنيادن تي ميمبرن جي ڪوٽا تي نه ٿيون آهن. جيڪڏهن ٿيون آهن ته انهن جي به تحقيقات ٿيڻ گهرجي. ريفارمس سپورٽ يونٽ (RSU) جا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته گذريل حڪومت ۾ سنڌي سبجيڪٽ اسپيشلسٽ، عربي ٽيچر، فزيڪل ٽيچر، ورڪشاپ انسٽرڪچر، ڊرائنگ ٽيچرز جا صرف 5 هزار 5 سؤ آرڊر ڪڍيا ويا. منهنجي ڄاڻ مطابق انهن لاءِ ڪنهن به قسم جي ميرٽ لاءِ تحريري ٽيسٽ نه ورتي وئي. حڪومت پنهنجا نوازي ڪري ميرٽ جي خلاف ورزي ڪئي ۽ هاڻي اهي ڀرتيون حڪومت کي ڳچيءَ ۾ پئجي ويون آهن.

    هونئن ته سنڌ جي سموري تعليم تباهي جي ڪنڌيءَ تي پهتي آهي، پر اڄ اسان صرف پرائمري اسڪولن ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ جو مختصر جائزو ورتو آهي. ان مطابق سموريءَ سنڌ ۾ 42 هزار 9 سؤ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا پرائمري اسڪول آهن، جتي 29 لک 63 هزار 6 سؤ 22 ٻار پڙهن ٿا، پر افسوس جو ان مان مڊل تائين يعني 8 ڪلاس تائين صرف 6 لک 65 هزار ٻار پهچن ٿا. مئٽرڪ تائين پڙهندڙ ٻارن جو تعداد صرف 3 لک آهي.

    اندازو لڳايو ته ڪاليج ۽ بعد ۾ يونيورسٽيءَ ۽ ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي تعليم تائين ڪيترا شاگرد پهچندا هوندا ۽ ڪيترا اتان ڪامياب ٿي سٺن عهدن تي هوندا؟

    اڄ به سنڌ جا 30 لکن کان وڌيڪ ٻار اسڪولن ۾ ئي نه وڃي رهيا آهن. آئين جي 18هين ترميم جي آرٽيڪل 25 کانپوءِ تعليم سڀني لاءِ لازمي قرار ڏني وئي آهي. 13 فيبروري 2013ع تي سنڌ اسيمبلي طرفان باقائده لازمي تعليم جو قانون به پاس ڪيو ويو آهي، پر افسوس جي انهيءَ قانون جا رولز به اڃان تائين نه ٺاهيا ويا آهن، جنهن مان حڪومت جي تعليم دوستي صاف ظاهر ٿئي ٿي. ٻئي طرف سنڌ ۾ تعليم بلڪل مفت آهي، ڊريس پائڻ لازمي نه آهي، في معاف آهي، ڪتاب مفت ۾ آهن، تازو 4 لک 25 هزار ڇوڪرين کي هر مهيني 2 هزار پنج سؤ روپين جو ماهوار وظيفو ATMڪارڊ ۽ ايزي پئسا ذريعي شروع ڪيو ويو آهي.

    سنڌ جو اڳوڻو تعليم وارو وزير پير مظهر صاحب جيڪو پورا 5 سال سنڌ جي تعليم جو بااختيار وزير رهيو هو. پاڻ به هن انهي جو ڪيترائي دفعا اعتراف به ڪيو ته سنڌ جي تعليم جو حال ڏسي سندس اکين مان رت جا ڳوڙها ڳڙن ٿا. هاڻي سنڌ جي موجوده وزير تعليم نثار کهڙي صاحب لاءِ نه رڳو بحيثيت وزير تعليم پر سندس سياسي ڪيريئر جو به وڏي ۾ وڏو امتحان آهي ته هو پنهنجي دور ۾ اهڙا بنياد رکي وڃي، جيڪي ايندڙ سالن ۾ نتيجو ڏيڻ شروع ڪن. اسين سمجهون ٿا ته سالن جو ٿيل گند ٿوري وقت ۾ صاف نه ٿيندو. پ پ جي اڳين حڪومت اسڪولن کي کولرائڻ، بهتر تعليم ڏيڻ، ماسترن کي اسڪولن ۾ حاضر رهڻ تي مجبور ڪرڻ، پرائمري سطح تي ٻارن جي اسڪول ڇڏي وڃڻ جي شرح کي گهٽائڻ ۾ ناڪام وئي.

    هاڻي جيڪڏهن باجود وڏي پئماني تي ٿيل تازين 20 هزار 7 سؤ ڀرتين ۽ وڏن فنڊن جي استعمال جي ڪابه بهتري نه ٿي اچي ته اها ناڪامي موجوده حڪومت جي هوندي، تنهنڪري اسان سڀني تي فرض ٿو عائد ٿئي ته جتي مئرٽ ۽ ٽيسٽ ذريعي ڀرتيون ٿين ٿيون ته انهن جي همت افزائي ڪرڻ کپي، پر جتي بي قائدگيون ٿين ته ان جي کلي نموني سان مخالفت ڪرڻ کپي. تعليم جي بهتري لاءِ پنهنجن ڳوٺن ۽ شهرن جي اسڪولن جي مالڪي ڪرڻ کپي، لازمي تعليم واري قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڀرپور احتجاج ڪرڻ کپي. ميڊيا، اين جي اوز ۽ ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ماسترن، ليڪچرارن کي سرڪاري ڊيوٽين تان بنا ڪنهن دٻاءَ جي فارغ ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ انهن کي سنڌ دشمن قرار ڏنو وڃي. سنڌ ۾ تعليم جي نالي تي ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي. تعليم کي بهتر بنائڻ جي اصل ذميواري مملڪت ۽ حڪمران پارٽي جي آهي ته اها سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ماسترن توڙي شاگردن جي حاصري کي يقيني بنائي.

    ishaksoomro@yahoo.com
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ايس ايل ٽي ماسترن جون جايون گلگتي ۽ بنگالين کي ڏيڻ تي واسطيدار فيسرن کي ڍڪڻيءَ ۾ ڍڪ پائي ٻڏي مرڻ گھرجي ـ سنڌي دشمنيءَ جي ته حد ٿي وئي ـ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    هي سڀ پيسي جو ڪمال آهي منهنجو هڪ بلتستان سان تعلق رکندڙ دوست آهي جنهن کي 2013 ۾ 4 لک پنجاه هزار وٺي سنڌهي ٽيچري جو آفر ليٽر ڏنو ويو مون هن دوست کي چيو توهان کي ته سنڌهي ايندي ئي ناهي؟ هن چيو مون کي اُن وقت خبر پئي جڏهن آفر ليٽر اچي ويو مون کي انهن چيو ته مونکي سنڌهي ايندي ئي ناهي انهن چيو ته في الحال هي آڊر جاري ٿيو ويو آهي بعد ۾ تبديل ڪرائي وٺنداسين توهان بي فڪر ٿي وڃو اوهان جا پيسا اسان وٽ امانت طور آهن ڪو مسئلو ٿيو ته اوهان جي مڪمل مدد ڪئي ويندي هاڻ اهو دوست اُنهي ئي آڊر تي ملير جي هڪ اسڪول ۾ اردو پڙهائي رهيو آهي پر پگهار لا آسمان ڏانهن ڏسي رهيو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو