جيڪڏهن توهان ڪا وڏي فائيل انٽرنيٽ تي ڪنهن ڏانهن موڪلڻ چاهيندا هجو ته ان لاءِ عام طور ٻه طريقا ٿيندا آهن.. يا ته توهان فائيل اي ميل پيغام سان ڳنڍي موڪليو يا وري جيڪڏهن فائيل وڌيڪ وڏي آهي ۽ اي ميل ۾ ڳنڍجي نه ٿي سگهي ته ان کي ڪنهن هوسٽنگ سرورس ڏيندڙ ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪري ان جو لنڪ وصول ڪندڙ دوست سان ونڊ ڪيو هتي اهڙيون سهولتون ڏيندڙ ويب سائيٽس جا تفصيل ڏجن ٿا.. ويب ميل سروسز جهڙوڪ جي ميل ۽ آئوٽ لوڪ توهان کي 25 ايم بي جي فائيل اي ميل پيغام ۾ ڳنڍي موڪلڻ جي سهولت ڏين ٿا. پر جيڪڏهن ان ئي طريقي سان توهان وڌيڪ سائيز جي فائيلز کي موڪلڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي فائيلز کي 25 ايم جي ٽڪڙن ۾ ڪري الڳ الڳ اي ميل پيغام سان ڳنڍي موڪليو.. فائيلز کي ٽڪڙن ۾ ڪرڻ لاءِ HJ-Split يوٽيليٽي بهترين ۽ استعمال ۾ آسان آهي.. اي ميل وصول ڪندڙ فائيلز جي ٽڪڙن کي ٻيهر ڳنڍي مڪمل اوريجنل فائيل حاصل ڪري سگهي ٿو. توهان آن لائين اسٽوريج سروسز جهڙوڪ ڊراپ باڪس، گوگل ڊرائيو يا وري ون ڊرائيو ذريعي وڏيون فائيلز موڪلي سگهو ٿا.. مائڪروسافٽ وارن جي ون ڊرائيو توهان کي 2 جي بي جي هڪ ئي فائيل جڏهن ته گوگل ڊرائيو هڪ ٽي بي (1000 جي بي) جي سائيز واري هڪ فائيل کي اپلوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي.. پر جيڪڏهن اڃان ڪا وڏي سائيز رکندڙ فائيل توهان اپلوڊ ڪرڻ گهرو ته اها سهولت ڊراپ باڪس (ڊيسڪٽاپ ايپليڪيشن) مان حاصل ڪري سگهجي ٿي جيڪا اپلوڊ ڪرڻ جي لامحدود سهولت ڏئي ٿي.. وي ٽرانسفر نالي مفت ويب ايپ توهان کي 2 جي بي تائين جي فائيل برائوزر ۾ رهندي ڪري اپلوڊ ڪرڻ جي سهولت ڏئي ٿي.. ان لاءِ توهان کي ويب سائيٽ تي رجسٽر ٿيڻ جي به ضرورت ناهي.. بس رڳو وصول ڪندڙ جي اي ميل ايڊريس گهربل هوندي آهي.. پر ياد رهي ته اپلوڊ ڪيل فائيل رڳو 7 ڏينهن لاءِ موجود رهندي.. مٿي ٻڌايل سمورا آپشنس ۾ هڪ ئي ڳالهه سمجهائي وئي ته توهان وڏي سائيز رکندڙ فائلز کي ڪهڙي طرح اپلوڊ ڪندو جو فائل وصول ڪندڙ توهان جو دوست اپلوڊ ڪيل لنڪ تان فائل ڊائونلوڊ ڪري سگهي.. پر جيڪڏهن توهان چاهيو ته توهان پنهنجي فائيل ڪاٿي اپلوڊ ڪرڻ بجاءِ سڌو سئون پنهنجي دوست کي موڪليو ته ان لاءِ جسٽ بيم اٽ بهترين آپشن آهي.. جيڪو فائل منتقل ڪرڻ لاءِ پيئر ٽو پيئر (توهان جي ڪمپيوٽر ۽ وصول ڪندڙ جي ڪمپيوٽر ۾ سڌو سئون فائل جي منتقلي) طريقو استعمال ڪندو آهي.. ان لاءِ توهان رڳو فائيل ڊريگ ڪري جسٽ بيم اٽ جي ويب سائيٽ تي اڇلايو جيڪا توهان کي بغير ڪو لمحو ضايع ڪندي هڪ لنڪ ٺاهي ڏيندي.. جنهن تي جڏهن ڪو ڪلڪ ڪندو ته فائل سڌو سئون توهان جي ڪمپيوٽر تان ڊائونلوڊ ٿيڻ شروع ٿيندي.. انفنٽ هڪ وڌيڪ بهترين ڊيسڪٽاپ ايپليڪيشن آهي جيڪا پڻ پيئر ٽو پيئر طريقو استعمال ڪندي ڪنهن به سائيز جي فائيل جي ورچوئلي منتقل ڪندي آهي.. ان لاءِ رڳو ڪرڻو اهو پوندو آهي ته فائل کي ايپليڪيشن تي ڊريگ ڪري ڇڏيو وصول ڪندڙ کي پنهنجي رابطن مان چونڊيو ۽ فائيل کي منتقل ڪرڻ شروع ڪريو.. وصول ڪندڙ جيئن ئي ايندڙ فائل کي قبول ڪندو فائيل منتقل ٿيڻ شروع ٿيندي.. انفنٽ ٻنهي ونڊوز ۽ ميڪ آپريٽنگ سسٽم لاءِ موجود آهي.. ۽ يقينن وڏيون ۽ نينڍيون فائيلز منتقل ڪرڻ جو آسان طريقو آهي.. هن جي اضافي خاصيت اها آهي ته هي ڊائونلوڊ دوران رزيوم جي سهولت پڻ ڏئي ٿي.. جيڪو عمل تڏهن انتهائي فائديمند ٿي سگهي ٿو جڏهن ڪا وڏي فائيل ڊائونلوڊ ڪندي توهان جو انٽرنيٽ ڪنيڪشن بريڪ ٿي وڃي يا لائيٽ هلي وڃي.. توهان جڏهن به چاهيو ڊائونلوڊ کي ٻيهر اتان ئي جاري ڪري سگهو ٿا جتان ڊائونلوڊ ٿيڻ رڪيو هو.. ان کانسواءِ جيڪڏهن توهان وٽ لوڪل ايريا نيٽ ورڪ جڙيل آهي ته هڪ ڪمپيوٽر کان ٻئي ڪمپيوٽر ۾ فائيلز کي تيزي سان منتقل ڪرڻ پڻ هن جي اهم خاصيتن ۾ شامل آهي.. مشهور اسڪائيپ ايپليڪيشن ذريعي پڻ ڊاڪومينٽس، فوٽوز، وڊيوز ۽ ٻين وڏين فائيلز کي پنهنجي اسڪائيپ رابطن ۾ موجود ساٿين ڏانهن آساني سان منتقل ڪري سگهجي ٿو .. ان لاءِ بس رڳو چيٽ سيشن شروع ڪريو يا وري آڊيو وڊيو ڪال جي شروعات ڪريو ۽ فائيل آپشن چونڊيندي منتقلي جي شروعات ڪريو.. اسڪائيپ توهان کي فائيلز جي سائيز لمٽ ۾ قيد نه ٿي رکي توهان هر سائيز جي فائيل کي سندس پيئر ٽو پيئر طريقي تحت منتقل ڪري سگهو ٿا.. ۽ جيئن ته ان منتقلي دوران ڪو سرور شامل نه هوندو آهي ان ڪري فائيل منتقل ٿيڻ جي رفتار پڻ خاصي هوندي آهي.. مٿي ڏسيل سمورن طريقن ۽ ويب سائيٽس + ايپليڪيشنس جي خوبين کي هڪ مختصر ٽيبل نما سمري ۾ پيش ڪريان ٿو ته جيئن ساٿي اڃان وڌيڪ آساني سان سمجهي سگهن.. سروسفائل سائيز پليٽ فارمخاصيت DropBox لامحدود ويب / ڊيسڪٽاپ ڪهڙي به سائيز جي فائيل ڊراپ باڪس ڊيسڪٽاپ ذريعي موڪلي سگهجي ٿي۔ Google Drive هڪ ٽي بي ويب / ڊيسڪٽاپجي ميل ۽ گوگل ايپس سان ڳانڍاپو۔ OneDriveٻه جي بي ويب / ڊيسڪٽاپ مائڪروسافٽ آئوٽ لوڪ سان ڳانڍاپو۔ WeTransferٻه جي بيويب بغير لاگ ان يا سائن اپ ٿيڻ جي فائلز اپلوڊ ڪريو ۽ موڪليو۔ Infinitلامحدودڊيسڪٽاپونڊوز ۽ ميڪ لاءِ پيئر ٽو پييئر موجودگي۔ JustBeamItلامحدود ويب برائوزر ۾ پيئر ٽو پيئر موجودگي۔ Gmail / Outlook25 ايم بيويب سڀ کان سادو ۽ سولو طريقو۔ Skypeلامحدود ڊيسڪٽاپ ڊيسڪٽاپ تان پيئر ٽو پيئر ذريعي فائل موڪلڻ. اميد ته ساٿين لاءِ هي مفصل موضوع لاڀائتو ٿيندو..
لاجواب ونڊ. اڃا ادا سليمان وساڻ چوي ٿو ته واڍڪو ڪم ڇڏي، ڊاڪٽري ڪريو ههڙا مفيد مشورا صرف واڍو ئي ڏئي سگهي ٿو، ڊاڪٽرن جي جا ناهي.
بهترين معلومات. ڪُجهه ڏينهن ڪيل عرض هاڻ لاڀائتوٿابت پيو ٿو ٿئي. هنن مان آئون ڊراپ باڪس استعمال ڪريان جنهن جو ياهو سان لاڳاپو هُجڻ ڪري ڪافي آساني رهي ٿي.
هي ڪم درين ٺاهڻ کان اڳتي جو آهي .... تنهنڪري قابل قبول آهي. تمام سٺو موضوع ، اهڙن موضوعن مان هڪ موضوع جيڪي سنڌ سلامت جي مقبوليت جو سبب بڻجن ٿا
ادا رشيد واه جي شيئرنگ آهي لاجواب ادا ٻڌو آهي ته توهان ڪاميڊي وٿ ڪپل ڏسندا آهيو انهي نموني سان ٽڪڙن ۾ ڪري موڪليو ته جيئن مان چيڪ ڪري ڏسان ته خبر پوي
ادا ڀلا ملان جي قول ۽ فعل ۾ فرق ڇو هوندو آ... ؟ مون توهان جي نصيحتن تي عمل ڪندي ڊرامو ڏسڻ ئي ڇڏي ڏنو.. §§ ادا ڏاهو ٿي ڀاء... اها ڳالهه ته راز هئي ...