پوڙهن ڪلهن تي کڄندڙ نوجوانن جا لاش ۽ .... مٺل جسڪاڻي اڳي ماڻهوءَ جي عمر سؤ سال جي ويجهو هئي، سدائين نوجوان ڪلها ڏئي، پنهنجي پيرسن وڏڙن کي دفن ڪرڻ ويندا هئا، هاڻي پوڙها/ پيرسن، نوجوان نسل کي ڪلها ڏئي پورڻ لڳا آهن! اوهان ان حقيقت جا پيرا کڻو، ته سڀ ڪجهه پڌري پٽ آهي. اڳي، گهڻو اڳي، حقو ۽ سلفي استعمال ڪري تماڪ ڇڪبو هو، پوءِ پن جون ٻيڙيون، تنهن کان پوءِ، هاڻي انيڪ قسم جا سگريٽ استعمال ٿين ٿا، جن تي لکيل هوندو آهي ”خبردار...“. تنهن هوندي به سگريٽ عام جام وڪامي ٿو، پيئجي ٿو، پيئندڙ کان وڌيڪ پيئڻ جي ڀر ۾ ويٺل متاثر ٿئي ٿو ۽ ماڻهو جي حياتي کُٽي ٿي. پاڻ وٽ اڳي پان نه هوندو هو. پاڙيسري ملڪن مان آيلن پان متعارف ڪرايو. هاڻي اهي پاڻ پان گهٽ کائين، اسين گهڻو کائون ٿا! پان جيئن کائجي، تيئن نه، اهڙن طريقن سان استعمال ڪيو وڃي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ مختلف قسم جون بيشمار بيماريون ٿين ٿيون. سرت، سمجهه، ساڃاهه وارا سماجي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهن، پر پان بند نه ٿيو. پان پنهنجي جاءِ تي وري اچي گٽڪي، مين پڙي، ايڪيهه سئو، مٺيون سوپاريون، خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي قسم جا عجيب ۽ غريب نشي طور سڃاپجندڙ، سڏجندڙ اهڙيون شيون نڪري پيون آهن، جن ۾ نه رڳو نشو آهي، پر موت جو به سامان شامل آهي. اهو کائين اڪثر ڳوٺاڻا!؟ شراب، ڪولهي وسڪي، ڪچو شراب، ٺرو ته ايترو عام جام آهي، جيڪو چرس ۽ آفيم کان تمام گهڻو وڌيڪ سولو ۽ سستو ملي ٿو. چون ٿا اهي سڀ شيون نشي آور ته پنهنجي جاءِ تي، پر صحت لاءِ به هاڃيڪار ثابت ٿي چڪيون آهن. پاڻ وٽ هڪ بيروزگاري گهڻي آهي، جنهن ڪري غربت جهجهي آهي، مٿان وري انهن سمورين شين جا عادي، هر صورت ۾، پنهنجي ضرورت جي پورائي لاءِ ڇا ڇا نه ڪندا آهن. ڪنهن کان ڇا ڳجهو آهي؟ ٺڳي، چوري، ڦرلٽ، جسم فروشي تائين به، الاءِ ته ڪهڙيون ڪهڙيون برايون جنم وٺي چڪيون آهن! اوهان اسان مان اهڙي ڪير به دعوا نه ڪري ته ڪو پاڻ مان اهڙو به آهي، جنهن ڪڏهن زهر نه کاڌو آهي! پاڻ سڀ روزانو زهر کائون ٿا. اهو زهر هر ڀاڄيءَ ۾، هر ميوات ۾، هر اناج (اٽي، چانور) ۾ آهي، جيڪا به دال کاڄي ٿي، ان ۾ به زهر آهي، ۽ جيڪو به کاڄرو تيل ڪم آڻجي ٿو، ان ۾ به زهر آهي. اهو زهر ايتري مقدار ۾ نه هوندو آهي، جو پاڻ جلدي مري پئون، پر زهر جو مقدار ايترو ته ٿورو آهي، جو اهو آهستي آهستي اثر ڪري، ماڻهو کي پهرين بيمار ڪري ٿو ۽ پوءِ بيماري وگهي ماڻهو پٺيان ماڻهو مري پيو. اوهان ڀلي مون کي سادو سمجهو، پر ٿورو گهرن مان نڪرو، ٻنين ڏانهن منهن ڪريو، معلوم ڪريو ته اهو ڪهڙو فصل، باغ، ڀاڄي، دال، تيلي ٻج آهي، جنهن ۾ زهريلي زرعي ”دوا“ استعمال نه ٿي ٿئي!؟ هر ٻوٽي ۽ وڻ تي زهر استعمال ٿي رهيو آهي ۽ پاڻ ماڻهن کي زهر بدران زرعي ”دوا“ چئي، استعمال ڪرڻ تي اتساهيو ويندو آهي! خوش ڪير به نه ٿئي. جيڪو فصل پوکي، سنڀالي، پيداوار کي بازار ۾ کپائي ايندو آهي، اهو به زهر کائي ٿو. جيڪو پاڻ سستي اگهه ۾ زهر وٺي، مهانگو وڪڻي، منافعو ڪمائي، آرام واري زندگي گذاري پيو، اهو واپاري به ساڳيو زهر پاڻ به کائي ٿو ۽ پنهنجي ٻچن کي به کارائي پيو! زراعت سان سڌي يا اڻ سڌي طرح واسطو، واهپو رکندڙ هر شخص، ماڻهن کي زهر کارائڻ جو ذميوار آهي. جيستائين اهو زهر کائڻ ۽ کارائڻ جو سلسلو جاري رهندو، تيستائين ماڻهو جي عمر گهٽبي رهندي. مون هي ٻه اکر منهنجي مرڻ جي ڊپ کان نه لکيا آهن، پر ان ڪري پيو لکان، ته پڙهندڙ ائين نه سمجهن، ته ڪو هو پاڻ محفوظ آهن! جڏهن زرعي زهر نه هئا، تڏهن به جيت، بيماريون ۽ گندگاهه جا ٻوٽا فصلن کي نقصان پهچائيندا هئا، انهن کي منهن ڏبو هو، هاڻي به انهن ئي احتياطي اپائن ۽ ڇوٽڪاري جي واٽن تي عمل ڪري، بچاءَ ۽ ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. پاڻ وٽ گهڻي تشريح زرعي زهرن جي ٿئي ٿي، ان ڪري اڪثر آبادگار ان تي عمل ڪن ٿا، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ زرعي زهر آخري حل طور، پر فصل جي عمر ۽ زرعي زهر جي خاصيت کي نظر ۾ رکي، پوءِ به مجبوري واري حالت ۾ زهر استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪن ٿا. پاڻ وٽ ته ماڻهن ۾ به زندگي بچائڻ واريون ڪارٽيزون سڏجندڙ دوائون، جيڪي پڻ مخصوص حالت ۾ استعمال ڪرڻيون هجن ٿيون، اڪثر سند يافتا توڙي هر عطائي ڊاڪٽر بنا سوچ ويچار ۽ پنهنجي شفا کي يقيني بنائڻ لاءِ تمام گهڻو استعمال ڪندا رهن ٿا، جيڪو پڻ زرعي زهرن کان گهٽ نقصانڪار نه آهي. هي مسئلو علم، حلم، دانشمندي طلبي رهيو آهي، عام سجاڳي گهري رهيو آهي، هر فرد تعليم جي طلب ڪري رهيو آهي. هي معاملو اهڙو سولو نه آهي، جهڙو پهرين سَٽ سُجهي ٿو، ان لاءِ ننڍي ۽ وڏي مدي واري حڪمت عملي جوڙڻي ۽ ان تي عمل ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي بچڻ ممڪن ٿي سگهندو. پڙهندڙ پاڻ سوچين، ويچارين، ڪو اهڙو لائحه عمل جوڙين، ته جيئن مناسب سمجهن، زهر کائڻ کان پاڻ ۽ پنهنجن کي بچائين، يا وري ماٺ ميٺ ۾، جيئن پاڻ سڀ زهر کائيندا رهيا آهيون، آئنده به زهر کائيندا رهون ۽ .... (روزاني عبرت حيدرآباد، جمع 19 سيپٽمبر 2014ع)
اهم مضمون آهي، ان زهر سبب بيمارين جو پکڙجڻ به عام آهي، پر سچ اهو آهي ته ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه پيو ڏئي ۽ بد قسمتي سان ڪي ادارا به ناهن رهيا، جي آهن ته بس نالي ماتر آهن ۽ سِول سوسائٽي ته لڀي ئي ڪانه ٿي، پنهنجي وڍيي جو نه ويڄ نه طبيب
تمام بهترين ليک...!! بيشڪ دل کي ڇهندڙ سچايون بيان ڪيون ويون آهن... اڄ جي جديد دور ۾ ترقي جي نالي تي يا سڌاري ۽ وڌيڪ فائيدي جا لالچ ڏئي ڳڻپ کان وڌيڪ اهڙا ته هاڃيڪار طريقا اپنائجي چڪا آهن جن جي سُڌ ڪنهن چڱي ڀلي کي به ڪو نه پوي...!! صحت جي نالي تي غير معياري دوائن جو عام استعمال ۽ هڪ ئي نالي سان مختلف فارمولن وارين دوائن جا لائسنس مختلف لوڪل ڪمپنين کي ڏئي ڇڏڻ ته هاڻ ڪا نئين ڳالهه نه رهي آهي..!!! نالو هڪ ۽ فارمولا وري بلڪل الڳ..!! دنيا ۾ ڪٿي به ايئن ڪو نه ٿئي..پر پاڪستان ۾ هر ناممڪن ڪم نوٽ جي چمڪ سان ممڪن بڻجيو وڃي..!! انهن دوائن جي اصل خبر ته ڇڱن ڀلن پڙهيلن کي به ڪو نه پوي...!! ڊاڪٽر مريض جي مرض کي ڏسي جڏهن دوا تجويز ڪندو آهي ته کيس اها خبر ئي ناهي ته اسٽور وارو مريض کي اها ئي دوا ڏيندو يا ساڳي نالي واري ڪنهن ٻي ڪمپني جي اها دوا جنهن جو فارمولو ئي ٻيو...جيڪا ٺهيل ئي ڪنهن ٻئي مرض لا آهي...!!! ٻنين ۾ عام استعمال ۾ ايندڙ زرعي دوائون ڀاڄين جي ڪوالٽي ته تمام گهڻيون متاثر ڪندڙ آهن پر گڏوگڏ اسان جي قدرتي ماحو ل جو به ڪارو منهن ڪرڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون...!! پان، ٻيڙي ، گٽڪو، سگريٽ کان وٺي چرس، افيم يا شراب جهيڙا نشا اسان جي نئين نسل کي اڏوهي جيان کوکلو ڪري چڪا آهن. اڄ اسان جو موجوده نسل جسماني توڙي ذهني طور تي مفلوج بڻجي چڪو آهي...!! رهي سهي ڪسر تعليم جي تباهي پوري ڪئي آهي، نه ڪنهن کي علم هوندو نه ئي ڪو پنهنجي يا معاشري جي بهتري جو سوچيندو..!!! اسان جا حڪمران جيڪي نسل در نسل حڪمران آهن. اهي ڇا ڄاڻين ته قومون ڪيئن ترقي ڪنديون آهن. جن جون پنهنجون ڊگريون ئي مشڪوڪ هجن اُهي قومن جي تعليم جو ڇا سوچيندا...!!؟؟ رشوت تي پليل اسان جي آفيسر شاهي مفت جو مال کائي کائي وڏا پيٽ ڦوڪيو رڳو ملڪيتون ٺاهڻ ۾ مست لڳي پئي آهي انهن کي ڪهڙ خبر ته ڳوٺ جي هڪ غريب هاري جي گهر ۾ ڪيترن ڏينهن کان چلهو نه ٻريو آهي ۽ سندن ٻچا بک جي پاهه ۾ تڙپي، تڙپي مري رهيا آهن يا سندن امڙ ڇو پاڻ کي دريا ۾ لوڙهي رهي آهي...!!؟؟ اسان بحيثيت سنڌي قوم شرمسار آهيون..!!!!