پاڪساتن ٺهڻ سان گڏ ، لساني فرقيواريت جو بول بالا رهيو . جنوري 5 حيدرآباد ۽ جنوري 6 1848 ۾ مهاجر (هندوستاني مسلمانن ) تاريخ جو وڏي ۾ وڏو قتل عام ڪراچيء ۽ حيدرآباد جي سنڌين جو ڪيو اها ٻي ڳالھ آهي ته اسان انهيء وقت نئون نئون مسلمان ملڪ ٺاهيو هيو ۽ هندن کي اسان سائيڪالوجي طور قربانيء جو ٻڪروپري انهن جي سامهون پيش ڪيو انهيء وقت انهن وٽ ٽي ٽي ، نائن ايم ايم يا ڪلاشنڪوف نه هيون ، بلڪه انهن وٽ انه وقت وڏيون تيز ڊبل روٽيء ڪٽڻ جهڙيون تيز ڇريون ۽ ڪاسائين وارن ڪتين ۽ ڪاتن سان گڏ تلوارون به هيون جن جي ڌڪ سان ڪو به زخمي نه ٿيندو هيو بلڪه اهو سڌو ” ٻي دنيا “ ۾ هليو ويندو هيو ۽ انهن مسلمانن لاء اهو قتل انهيء ڪري جائز هيو جو اسان انهن کي قربانيء جو ٻڪرو سمجي پاڻ منهن ڏيڻ جو چئي پاڻ پاسيرا ٿي ويهي رهياسين ۽ انهن مهاجرن ( هندوستاني مسلمانن ) کي اهي سمورا خون معاف ٿي ويا ويا ۽ انهن اهڙا ته مزي مزي جا خون اسڪور ڪيا جن جو نسل اڄ پڻ آدم بوء آدم بوء ۽ خون خون ڪندو رهي ٿو اهڙي صورتحال وري 1970 جي ڏهاڪي کان شروع ٿي