سنڌ سالم رهي، سنڌ دائم رهي! محمد ابراهيم جويو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏20 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سنڌ جي هاڻوڪين جاگرافيائي حدن اندر، مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جي خواهش، سوچ ۽ رٿابندي شروع کان ئي رهندي پئي آئي آهي. ايترو ئي نه، پر اهو پڻ چيو پئي ويو آهي ته جيڪڏهن کين الڳ صوبو نه ٿو ڏنو وڃي ته پوءِ اهي الڳ ملڪ جي پڻ گهُر ڪندا. ورهاڱي کان پوءِ واري عرصي ۾، اهڙيءَ الڳ صوبي واري تحريڪ جا نشان ۽ اهڃاڻ وڏيءَ سولائيءَ سان ڳولي سگهجن ٿا، جڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان الڳ ڪري، ملڪ جي راڄڌاني بڻايو ويو هو. سنڌي قوم انهيءَ فيصلي جي شديد ترين مخالفت ڪئي ۽ مهاجرن جي ذهن ۾ اهو ڊپ گهر ڪري ويهي رهيو ته سنڌي قوم انهيءَ نا انصافيءَ خلاف اُٿي بيهندي ۽ انهيءَ ڏٺي وائٺي نموني ڌُرائتي فيصلي کي واپس ڪرائڻ لاءِ پنهنجيون سڀ توانائيون ڪتب آڻيندي.

    هيٺ ڪجهه ٽُڪرا پيش ڪجن ٿا، جن منجهان مهاجرن جي اڳواڻن جي سوچ جي چٽائي ٿئي ٿي:

    (الف) مسلم ليگ ڪراچي صوبي جي صدر ايس ايم طارق چيو: ”آئون سڀني سياسي جماعتن جو بنهه گهڻو ٿورائتو آهيان، جن اسان جي ڪراچيءَ کي الڳ صوبي بنائڻ واري گُهر ۾ اسان سان هم خيالي ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي“. (ماهوار مزارع، نومبر 1953ع، ايڊيٽر خليل غيانوي )

    (ب) روزاني جنگ جي ايڊيٽر سيد محمد تقي چيو: ”جمهوريت سان محبت ڪندڙ ڪوبه شخص ڪراچي صوبي جي انصافي گهُر جي مخالفت نه ٿو ڪري سگهي.“

    (ج) مسلم ليگ ڪراچيءَ جي جنرل سيڪريٽري محسن صديقيءَ چيو: ”اسين اُن وقت تائين چُپ ڪري نه ويهنداسين، جيستائين سرڪار ڪراچيءَ کي صوبي جي درجي ڏيڻ واري اسان جي گُهر قبول نه ٿي ڪري وٺي.“

    سنڌ کي ورهائڻ لاءِ اهڙا خطرناڪ ۽ سازشي مطالبا ۽ تحريڪون 1955ع تائين جاري رهيون، ان کان پوءِ ون يونٽ مڙهيو ويو. اهڙيءَ ريت سنڌين جي مزاحمت مهاجرن جي مفادن لاءِ سڌو سنئون خطرو نه بڻجي سگهي.

    اهڙيءَ شرارت، جنهن جا امڪان اڳي ئي موجود هئا، ان جو ٻيو مرحلو ون يونٽ جي خاتمي واري تاريخ، 30هين جون 1969ع کان شروع ٿيو. 19هين ڊسمبر 1969ع تي، ڪراچيءَ جي هڪ هوٽل ۾ آزاد بن حيدر نالي همراهه هڪ گڏجاڻي سڏائي ۽ ”ڪراچي صوبه اتحاد“ قائم ڪيائين. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ پير علي محمد راشدي، حافظ محمد حبيب الله، راجا محمد اشرف، زيد اي سليري، حاجي ضياءَ الدين، محمد عارف ايڊووڪيٽ، مولانا جميل احمد نعيمي، بيگم محمود بليتوي، شيخ لياقت حسين، ڊاڪٽر ياسين زيبري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان کان سواءِ، ڪراچي ميونسپل ڪاميٽيءَ جي وائيس چيئرمئن خان بهادر حبيب الله، ڪراچيءَ جي نمايان شخصيتن جي گڏجاڻي سڏائي، جنهن ۾ ”ڪراچي صوبي“ جي حق ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ’ڪراچي صوبه اتحاد‘ جي هڪ ٻي گڏجاڻي، ڪراچيءَ جي نشتر پارڪ ۾ 10هين جنوري 1970ع تي گهُرائي ويئي، جنهن ۾ آزاد بن حيدر، مولانا ابي حسين جارچوي ۽ ٻين پنهنجن خطابن ۾ ڪراچي صوبي جي کُلي عام گُهر ڪئي، جڏهن ته ڪراچي صوبي جي حق ۾ پهرين اپريل 1970ع ۾ ميري ويدر ٽاور (Meriwether Tower) کان وٺي ريگل بس اسٽاپ تائين جلوس ڪڍيو ويو. اهو باب اوڀر پاڪستان (بنگال) ۾ شروع ٿيندڙ رتوڇاڻ ۽ ڪوس جي ڪري ٿوري عرصي لاءِ بند ٿي ويو.

    انهيءَ سموري سازشي ۽ بدنيت تحريڪ جو ٽيون مرحلو باقاعدي 14هين ڊسمبر 1989ع کان شروع ٿيو ۽ عام ماڻهن جي ڌيان ۾ آيو، جڏهن سنڌي اخبار هلال پاڪستان هڪ خط ڇپيو، جيڪو حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ (HDA) جي ڊائريڪٽر جنرل تسنيم صديقيءَ، مهاجر قومي موومينٽ (MQM) جي چيئرمئن عظيم احمد طارق ڏانهن لکيو هو، اُن خط ۾ هُن لکيو هو: ”منهنجا پيارا عظيم! مسٽر اوڪلي جي هاڻوڪي حيدرآباد واري دوري دوران، سنڌ جي ورهاڱي جي موضوع تي بنهه گهڻيون سنجيديون ڳالهيون ٿيون آهن.“ ان کان پوءِ اخبارن جي مُک سرخين، تحريرن، تبصرن، ڪتابن ۽ پمفليٽن وسيلي سنڌ جي ورهاڱي ۽ مهاجرن لاءِ الڳ صوبي جي ڳالهه لڳاتار ٿيندي رهي. هن وقت تائين پنج مهاجر تنظيمون، ’مهاجر صوبي‘ جي گهُر واري اڪيلي نقطي تي نمايان حيثيت سان سامهون اچي چڪيون آهن، جن منجهان ٽن تنظيمن ’مهاجرستان‘ جا نقشا ڇپايا به آهن ۽ ورهايا به آهن، اهي تنظيمون آهن: 1. ’مهاجر اتحاد تحريڪ‘، چيئرمئن ڊاڪٽر سليم حيدر 2. ’مهاجر رابطا ڪائونسل‘ (ايم ڪيو ايم) 3. ’صوبه اردو ديش محاذ‘ 4. ’مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن‘ 5. ’پاڪستان مهاجر ليگ‘. جن تنظيمن مهاجر صوبي جا نقشا جاري ڪيا آهن، اهي اردو ديش محاذ، مهاجرستان لبريشن آرگنائيزيشن ۽ پاڪستان مهاجر ليگ آهن. ’مهاجر اتحاد تحريڪ‘ جو سربراهه ڊاڪٽر سليم حيدر، هڪ ڪتاب ”اب سنڌ تقسيم هونا چاهيي“ يعني ’هاڻي سنڌ ورهائجڻ کپي‘ ۾ وڏو زهر اوڳاڇي چڪو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم تنظيمي حيثيت سان سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو 9 فيبروري 1994ع تي هڪ ڪنوينشن ۾ ڪيو، جيڪو ناظم آباد، ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم جي سياسي وِنگ مهاجر رابطا ڪائونسل انهيءَ ڪنوينشن ۾ هڪ ٺهراءُ منظور ڪيو ته سنڌ کي شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي بنياد تي ورهايو وڃي. انهيءَ ڪنوينشن کي الطاف حسين، لنڊن مان ٽيليفون وسيلي خطاب ڪيو. انهيءَ ڪنوينشن کان اڳ عظيم احمد طارق پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي چڪو هو: ”پڪ ڄاڻو ته مهاجر وزير اعليٰ نٿو مقرر ڪيو وڃي ته هزار سالن تائين مهاجرن جا سياسي اقتصادي مسئلا حل نه ٿيندا ۽ جيستائين ڪراچيءَ کي الڳ صوبي جي حيثيت نه ٿي ڏني وڃي، تيستائين ڪوبه مهاجر وزير اعليٰ مقرر نه ٿيندو.“ انهيءَ کان به ڏهاڪو کن سال اڳ عبدالرزاق خان ايڊووڪيٽ، جيڪو ايم ڪيو ايم جو قانوني صلاحڪار پڻ هو ۽ پوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر پڻ ٿيو، تنهن 16هين نومبر 1985ع تي تڏهوڪي وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي خط لکي هيٺيان نقطا اٿاريا هئا:

    (1) اهو بيحد ضروري آهي ته انهيءَ قومي مسئلي جي تشخيص ڪجي ته نيٺ اهو ڪهڙو سبب آهي، جو پاڪستان جن پٽن ۽ ڌيئرن ٺاهيو، اهي جي ايم سيد جي ڪئمپ ۾ ڌڪبا پيا وڃن.

    (2) جن نوجوانن ايم ڪيو ايم ٺاهي آهي، انهن جا مک مسئلا: بيروزگاري، ڪوٽا سسٽم ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلائون آهن.

    (3) الطاف حسين ۽ ٻين گرفتار ٿيل مهاجرن کي ترت آزاد ڪرڻ انهن مٿان لاڳو ڪيس ختم ڪرڻ.

    (4) هاڻوڪي ڪرپٽ ۽ غير اثرائتي حڪومت برطرف ڪرڻ ۽ صدارتي راڄ قائم ڪرڻ.

    (5) سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ گورنر مقرر ڪرڻ.

    (6) تناسبي نمائندگيءَ جي بنياد تي سنڌ ۾ عام چونڊون منعقد ڪرائڻ.

    اهڙو ڊائلاگ اوهان (وزير اعظم) وٽ ٿيڻ کپي، اُن جا هيٺيان نقطا هئڻ کپن:

    (الف) سنڌ ۾ قومي توڻي صوبائي تڪ، شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي بنياد تي پوريءَ طرح ورهايا وڃن ۽ اِن ريت جو اهي ڪنهن به ٻهراڙيءَ سان ڳنڍيل يا جُڙيل نه هئڻ کپن.

    (ب) شهر ۽ ٻهراڙيءَ جي نمائندگيءَ جو تناسب ساڳيو ۽ هڪ جيترو هئڻ کپي.

    (ج) سنڌ جي سڀني شهرن ۾ مڪاني ادارن کي ٽيڪس اوڳاڙڻ جا اختيار هئڻ کپن ۽ سنڌ حڪومت کي انهن ادارن کي برطرف ڪرڻ جو اختيار نه هئڻ کپي.

    (د) ووٽ ڏيڻ جي ڄمار 21 مان 18 ورهيه ڪئي وڃي.

    (هه) وفاق توڻي صوبي جي سطح تي سڀني انتظامي، عدالتي، قانون ٺاهيندڙ ۽ ڪار وهنوار هلائيندڙ ادارن ۾ مهاجرن ۽ سنڌين جي نمائندگيءَ جي مڪمل برابري عمل ۾ آندي وڃي.

    (و) تعليمي ادارن توڻي صوبي ۽ وفاق جي مقررين ۾ فوري طور ڪوٽا سسٽم ختم ڪري، ميرٽ کي عمل ۾ آندو وڃي.

    انهيءَ مٿي ڄاڻايل پسمنظر ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته مهاجرن جا شروع کان وٺي هن وقت تائين مطالبا ساڳيا ئي رهيا آهن. انهن ۾ تِر جيتري به تبديلي نه آئي آهي، اڃا به وقت هلندي، اهڙن مطالبن ۾ واڌ ٿيندي رهي آهي. اهڙا بنيادي مطالبا هيٺ ڏجن ٿا:

    (1) مهاجرن لاءِ نسلي بنيادن تي الڳ صوبو قائم ڪيو وڃي.

    (2) مهاجرن منجهان وزير اعليٰ مقرر ڪيو وڃي.

    (3) ڪراچيءَ جو انتظامي ۽ مالياتي ڪنٽرول پوريءَ طرح سندن هٿن ۾ ڏنو وڃي. خاص طرح مڪاني ادارو انهن جي حوالي ڪيو وڃي ۽ انهيءَ ۾ سنڌ سرڪار جي ڪنهن به قسم جي مداخلت نه هجي.

    اهي مطالبا پهرئين ڏينهن کان ٿيندا رهيا آهن ۽ هن وقت پڻ ڏسبو ته انهن جو ورجاءُ ڀيري ڀيري سان ٿيندو رهيو آهي. ان کان سواءِ مٿي جيڪو بيان پيش ٿيو، ان ۾ ٻيا به ڪي نقطا آهن، جن ۾ مهاجرن ڪنهن حد تائين ڪاميابي ماڻي آهي، جن ۾:

    * ڪراچيءَ جي تعليمي ادارن کي رڳو ڪراچي واسين تائين محدود رکڻ

    * ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ لاءِ ڪراچيءَ جي ڊوميسائيل جي پابندي

    * ملٽاءِ نيشنل ڪمپنين کي پابند ڪرڻ ته اهي مهاجرن کي ئي نوڪريون ڏين.

    * سنڌ جي گورنري

    *مڪاني ادارن جي سرشتي تي قبضو ڪرڻ

    * حڪومت ۾ برابريءَ جي حصيداري.

    اهي سڀ اهڙا معاملا آهن، جن ۾ ايم ڪيو ايم وفاق پرست پارٽين توڻي ملڪ جي ڪرتن ڌرتن جي مدد سان اڳڀرائي ڪري چڪي آهي.

    هن سڄي ڳالهه ٻولهه جو اصل مقصد اهو ئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي سياست کي سمجهجي ۽ پڻ انهن جي سنڌ سان سچائيءَ جي دعوائن کي به توري ڏسجي ته اهي پنهنجن مٿي بيان ڪيل مطالبن سان سچا آهن يا سنڌ جي مسئلن جا پاسدار رهيا آهن، جنهن جون اهي دعوائون مختلف وقتن تي ڪندا پئي آيا آهن.

    هن وقت حالتون بنهه نازڪ ترين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪيون آهن، تازو ئي ايم ڪيو ايم جو سربراهه سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري چڪو آهي ۽ ان کان سواءِ سنڌ ون ۽ سنڌ ٽُو جو فارمولو پيش ڪري چڪو آهي. انهيءَ معاملي تان سنڌ جي ساڃهه وندن توڻي قومي پارٽين ۾ وڏيءَ حد تائين بحث هلندڙ آهي، جيڪو شروعاتي مرحلي ۾ آهي. جيڪڏهن سمجهداريءَ کان ڪم وٺبو ۽ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي مفاد کي اڳيان رکبو ته ڪانه ڪا اهڙي واٽ ضرور ملندي، جيڪا هر طرح سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي فائدي ۾ هوندي. اهو بحث ڪنهن نئين مرحلي ۾ داخل ٿئي، انهيءَ کان اڳ، اها گذارش ڪبي ته جڏهن به ايم ڪيو ايم جي باري ۾ ڪي ڳالهيون طئي ڪيون وڃن ته هيٺين نقطن کي ضرور نظر ۾ رکڻ کپي:

    * ايم ڪيو ايم کي سنڌ ورهائي ڌار صوبي واري مطالبي تان هٿ کڻڻو پوندو، ۽ ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم کي زباني ڪلامي نه، پر حقيقي بنيادن تي عملي طور اهو ثابت ڪرڻو پوندو، جنهن مان سنڌي قوم کي اها خاطري ٿي سگهي ته ايم ڪيو ايم ڌار صوبي لاءِ مطالبي تان مڪمل طور هٿ کڻي ويئي آهي.

    * ايم ڪيو ايم کي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي ڌار قوم طور تسليم ڪرائڻ واري مهم تان هٿ کڻڻو پوندو، ۽ خاص طور تي ’اردو سنڌي‘ اصطلاح کي ڇڏڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رهندڙ ٻروچ، سرائيڪي، سيد ۽ پٺاڻ وغيره ذاتين مان اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به پنهنجي پاڻ کي ’ٻروچ سنڌي‘، ’سرائيڪي سنڌي‘، ’سيد سنڌي‘ يا ’پٺاڻ سنڌي‘ نه سڏايو آهي. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌ جو ڏنو کائيندڙ سڀ سنڌي آهن. ها باقي سڃاڻپ لاءِ هرڪو پنهنجي ذات برقرار رکي ته ان ۾ ڪابه خرابي ناهي.

    * ايم ڪيو ايم کي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ صوبي جي قومي ٻولي ۽ سرڪاري/ لکپڙهه جي ٻوليءَ طور نه رڳو قبول ڪرڻو پوندو، پر اردو آباديءَ کي شعوري طرح اهڙا اپاءَ به وٺڻا پوندا، جن وسيلي اردو آبادي سنڌي لکي پڙهي به سگهي ته روانيءَ سان ڳالهائي به سگهي.

    * اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي سنڌ جي حق حاڪميت کي قبول ڪرڻو پوندو، جيئن ته سنڌ صدين کان وٺي سنڌي ماڻهن جو اباڻو وطن رهي آهي ۽ ان جي وارثي وٽن ئي رهندي پئي آئي آهي، انهيءَ ڪري حاڪميت جو حق رڳو سنڌي ماڻهن وٽ محفوظ آهي ۽ رهندو. حاڪميت جي حق کان سواءِ سنڌ جي شهرين هئڻ جي حيثيت ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي باقي حق برابر ملڻ کپن.

    * اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي نمائندگيءَ جي هام هڻندڙ جماعت ايم ڪيو ايم کي سنڌ جي مڙني ٻَرندڙ مسئلن تي سنڌ جي وارثيءَ کي تسليم ڪرڻو پوندو، سنڌي ماڻهن جي حقن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيهڻو پوندو ۽ پنهنجو ڪردار اهڙي نموني ادا ڪرڻو پوندو، جهڙيءَ ريت سنڌ جو ٻيو محب وطن عوام ادا ڪري رهيو آهي.

    * ايم ڪيو ايم کي دهشتگرديءَ ۽ پروپيگنڊا وسيلي پاڻ کي
    مظلوم ثابت ڪرڻ واري سياست ڇڏي، سنڌين سان گڏجي انهن جي حقيقي پرامن قومي ۽ جمهوري جدوجهد ۾ شامل ٿيڻو پوندو.

    * ايم ڪيو ايم کي پنهنجو ناتو اسٽيبلشمينٽ کان ٽوڙي مختلف سياسي، معاشي، سماجي، ثقافتي ۽ قومي مسئلن تي سنڌي قوم جي اختيار ٿيل مؤقف کي پنهنجائڻو پوندو، يعني انهن جي مختلف معاملن تي پاليسي اهائي هوندي، جيڪا سنڌي ماڻهن جي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو