انگريزيءَ جو هڪ ڪتاب ٽائيٽل ۾ پروف جي غلطيءَ سبب ايترو ته وڪاميو جو دنيا جو Best selling book بنجي ويو. ڪتاب جو اصل ٽائيٽل How to set a life هو. پر پروف جي غلطيءَ سبب ان جو ٽائيٽل How to Set a wife ڇپجي ويو. اوهان سمجهي سگهو ٿا ته اهو ڪتاب سڄي دنيا جي پرڻيل مردن کانسواءِ شادي جي اوسيئڙي ۾ ويٺل ڪنوارن به ”وقت- ضرورت“ ڪم اچڻ ۽ ٽريننگ ملڻ ڪري خريد ڪيو هوندو پر شادي شده عورتن ۽ شادي جي انتظار ۾ ويٺل ڪنوارين ڇوڪرين به ضرور خريد ڪيو هوندو ته جيئن مردن جي ترڪتالين کي سمجهي سگهن. خير، اهو ته هڪ لطيفو هو، پر اصل ۾ ڏسجي ته ڪنهن به ڪتاب/مضمون ۾ پروف ريڊنگ وڏي ذميواريءَ جو ڪم هجي ٿو، مضمون جي هڪ چڪ مضمون جو سڄو Concept تباهه ڪري ڇڏي ٿي پڙهندڙ ته خير ان چڪ مان ڪهڙي به معنيٰ ڪڍي پنهنجو ڪم ته ٽپائي ٿو وڃي پر ليکڪ جي چيلهه ۾ ڄڻ ته چُڪ پئجي وڃي ٿي. عام چوڻي آهي ته” تر جي گٿي سئو چوٽون کائي“ ان چوڻي وانگر پرنٽ ميڊيا خاص ڪري اخبار جيڪا ڪميونيڪشن جي موئثر ذريعو هجي ٿي، ان ۾ جيڪڏهن پروف جي چڪ ٿئي ٿي ته ڄڻ سڄي نظام جي چيلهه ۾ چڪ پئجي وڃي ٿي پوءِ ڇا هي اهو نظام جمهوراڻا هجي يا آمراڻا، زنانا هجي يا مرداڻا، هر ڪنهن جي چيلهه ۾چُڪ ضرور پوندي آهي. ان حوالي سان اسانجي پياري دوست طالب توائي پنهنجي هڪ پياري دوست کدڙي فقير کان پڇيو ته ”جيڪڏهن اوهانجي حڪومت ٺهي وڃي ته پوءِ اوهان عوام جي ڪهڙي خدمت ڪندا؟ ان سوال تي فقير تاڙي وڄائي چيو ته ”اسانجي حڪومت ٺهي ته پوءِ اسانجي گورنمينٽ عوام جي خوشين ۾ شريڪ ٿي تاڙيون به وڄائيندي ته ڊانسون به ڪندي. جيڪا وڏي ۾ وڏي تبديلي هوندي. اهو پڻ سوچي اسان کدڙن فقيرن جي ايسوسيئيشن جا فل مينڊيٽ رکندڙ نمائندا جلد ئي عمران خان سان ملي کيس پنهنجي پارٽي جوائن ڪرڻ جي دعوت ڏيندا ۽کيس ٻڌائيندا ته اصلي تبديلي سان کدڙن فقيرن جي پارٽي جوائنٽ سان ئي ايندي. ان مقصد لاءِ عمران خان جي ڌرڻي ۾ هلندڙ ميوزڪ شو ۾ پاڻ به نچندي ۽ عمران خان کي به نچائيندي. ايندڙ اليڪشن، تبديلي جي اليڪشن هوندي ۽ اسان دنيا کي ڏيکارينداسين ته انقلاب رڳو هٿيارن جي زور تي نه پر نچڻ سان به حاصل ڪري سگهجي ٿو. ايندڙ اليڪشن جڏهن ٿيندي؟ ان جو ڪو پتو ڪونهي، جلد به ٿي سگهي ٿي ۽ پنج سال پورا ٿيڻ کانپوءِ به ٿي سگهي ٿي جنهن جو بهرحال امڪان گهٽ آهي، اها ته زرداري صاحب جي دانشمندي يا حڪمت عملي هئي جو هن کي هڏي، هن کي ٻوٽي ڏئي راضي ڪيو ويٺو هو ۽ پنهنجي حڪومت جا پنج سال پورا ڪري ويو. اهڙي اميد نواز شريف جي حڪومت ۾ ڪانهي جو هو بنيادي طرح واپاري آهي سوال اُهو آهي ته جيڪڏهن نئون پاڪستان ٺهي ٿو وڃي ته پوءِ پراڻي پاڪستان جو ڇا ٿيندو؟ چوڻ وارا چون ٿا ته زرداري صاحب، عمران خان کي چيو آهي ته جيڪڏهن اوهان نئون پاڪستان ٿا ٺاهيو ته پوءِ اجازت ڏيو ته پراڻو پاڪستان کپائي ڇڏيون، ڇاڪاڻ ته اسان کي نئون پاڪستان نه پر پراڻو پاڪستان کپي کپي ۽ کپي. طالب توائي ان ان کپي جي معني کي پاڪستان فار سيل جي معنيٰ ۾ وٺندو آهي. بهرحال، جڏهن به اليڪشن ٿئي. طالب توائي 2010 جي ٻوڏي ۾ بچي ويل، ميرٽ جي لتاڙيل، عورتن جي لڄالٽ تي مجرماڻي خاموش اختيار ڪندڙ ۽ چور کي ساڌ ۽ ساڌ کي چور بڻائڻ وارن نمائندن کي هوشيار رهڻ لاءِ ووٽر کي اڳواٽ خبردار ڪرڻ لاءِ هي شعر عرضِ ڪيو آ ته: نيٺ ٿيا پورا پنج سال، وري ايندا ووٽ وٺڻ ساڳي چپڙي ۽ کڙتال، انهن جا واٺا هڻندا جانٺا، وايون ٿينديون بتال وري وڄنديون ڪيسٽون ساڳي شرنائي دهل ڌمال، وري انهن جا درشن ٿيندا، تعزيتون، شاديون ۽ پنڊال، تنهن ڪري ووٽر رهوتيار، گندا انڊا، سڙيل ٽماٽا ۽ تيار رکو باسي دال، ڪيو انهن جو استقبال جن چُڪ وڌي آ چيلهه ۾. ڳالهه پئي ڪئيسين ته اهڙيون چڪون مان هڪ چڪ اخبار وارن جي به هوندي جنهن کي نظرجي چڪ يا پروف جي چُڪ به چئبو آهي. اهڙيون پروفن جون چڪون پڙهندڙن کي ايئن گهن چڪر بڻائي ڇڏينديون آهن. جيئن فرنٽ پيج جي خبر جي بقايا ڳوليندي ڳوليندي، پڙهندڙ اخبار ايئن چٻاڙي ويندو آهي جيئن گابي ڪپڙو چٻاڙيندي آهي. ڪنهن دوست شڪايت ڪئي ته سندس مضمون ۾ لفظ پاور (Power) کي پادر لکيو ويو آهي. ان ڳالهه تي طالب توائي ٽهڪ ڏيندي چيو ته، پاور ۽ پادر ۾ ڪو فرق ڪونهي. ڇاڪاڻ ته ٻئي هڪجهڙي معنيٰ رکن ٿا بلڪه پادر ئي سپر پاور آهي. عظيم باڪسر محمد علي ڪلي چواڻي جيڪڏهن ڪو ڳالهه شرافت، عزت ۽ محبت سان نه ٿو سمجهي ته ان لاءِ هڪ عدد مُڪو(Punch) ئي ڪافي آهي. سمجهي سگهو ٿا ته اسان بااثر وڏيرن، جاگيردارن کي مُڪو ته نٿا هڻي سگهون پر هڪ همراهه جيڪو حج ڪري موٽي آيو ته ماڻهن هن کان ڪيترائي سوال ڪيا. هڪ همراھ پڇيس : تو شيطان کي پٿريون هنيون؟؟ تنهن تي هن ڏک مان چيو : نه يار! اُتي وڏي رش لڳي پئي هئي، تنهن ڪري پري کان بجا ڏئي آيو آهيان، وانگر اسان ٻي ته ڪا همت ڪري نه ٿا سگهون نه پر حج تان موٽندڙ همراھ وانگر عوام جا ڪم نه ڪندڙ ، مفاد پرست، آزمايل اليڪشن اميدوارن کي پري کان آڱوٺو ته ڏيکاري سگهون ٿا اهو خيال رکڻ ضروري آهي ته آڱوٺي تي لڳل ڪاري مس اصلي هڻڻ گهرجي نه ته اوهان جي ڌمڪي جعلي ووٽن وانگر جعلي ليکي ويندي.