• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

او ادا او ادا سنڌ وارا اٿو

او ادا او ادا سنڌ وارا اٿو
دودي سندي جند وارا اٿو
غير سنڌ کي ورهائڻ جا وارا ڪري
هن کي شه ڪا ڏيون ڪيئي مارا ڪري
او سنڌ جا سپوتو نيهن نارا ڪري
ساٿ سنگت سڏي ڪي ڪوڪارا ڪري
جيءَ جنسار جڳ جا جيارا اٿو
او ادا او ادا سنڌ وارا اٿو.......
هي ته بڇڙو ارادن ۾ ظاهر ٿيو
سنڌ سڏڪي پئي آ ڪا واهر ٿيو
ماريو دشمن حرفت سان ماهر ٿيو
جذبو جوڌا جوان ڪي ته ڏاهر ٿيو
پو ڪا نه ٿي دير پيارا اٿو
او ادا او ادا سنڌ وارا اٿو.....
سنڌ منهنجي صدين کان آهي سدان
جيءُ منهنجو جڙيل جنهن سان آهي سدان
هن سان محبت سچي منهنجي آهي سدان
هي نڀاڳو نه ٿيو سنڌي آهي سدان
قرب سنڌ تي ڪيو پيار وارا اٿو
او ادا او ادا سنڌ وارا اٿو
هي ته منڪر ٿيو منهنجي سنڌ ملڪ کان
لعنتون پيو وٺي سڀ سنڌ خلق کان
سنڌ جي هي صدا وئي مٿي فلڪ کان
والي واهر ڪندو سنڌ پل جهلڪ کان
ڪين مايوس ٿيو سڪ وارا اٿو
او ادا او ادا سنڌ وارا اٿو
 
Back
Top