دنيا جي عظيم ڪاميابين جي لاءِ ڪو مختصر رستو نه آهي، جيئن انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي، "There is no short cut for success" ڪاميابي هڪڙي رات ۾ حاصل نه ٿيندي آهي. ڪولمبس آمريڪا دريافت ڪئي، پر 20 سالن جي مسلسل محنت کانپوءِ ان جا ٽي سفر ناڪام ٿيا، آخرڪار 20 سالن کانپوءِ چوٿين سفر ۾ ڪامياب ٿيو. پوليو ويڪسين ٺاهڻ ۾ 25 سال لڳا. اڪثر ڪري جيترو گهڻو وقت لڳي ٿو، ان جو معاوضو به اوترو ئي وڌيڪ ملي ٿو، جيئن پاڻ وٽ سنڌي ۾ هڪ مشهور چوڻي آهي ته ”جيتري دير اوترو خير“. هڪ ڪامياب ماڻهوءَ کان ان جي ڪاميابيءَ جو راز هڪ لفظ ۾ پڇيو ويو ته ان چيو ته ”ثابت قدمي“ يعني استقامت ۽ مستقل مزاجي. الله تعاليٰ جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ فرمايو ته ”خدا ان سان گڏ آهي جيڪو ثابت قدم آهي.“ گهڻا ماڻهو ان وقت ڪوشش ختم ڪري ڇڏين ٿا، جڏهن اهي ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا هوندا آهن، اهي ڪاميابيءَ کان هڪ قدم پوئتي ڪوشش ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن. اهي راند جي آخري لمحن ۾ ڪاميابيءَ جي هڪ فٽ جي فاصلي تي ڪوشش ڇڏي هميشه جي لاءِ ناڪام ٿي ويندا آهن، ان ڪري چيو ويندو آهي ته It is always too early to quit يعني ڪوشش ڇڏي ڏيڻ هميشه جلد بازي هوندي آهي، پر پنهنجي خوابن کان ڪڏهن به ڪناره ڪشي يا نٽائڻ يا پاسو نه ڪريو ۽ ڪوشش ڪرڻ ڪڏهن به نه ڇڏيو. Try, try and again try but never rest هونئن به جنهن ڪم کي اسين مستقل مزاجيءَ سان ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، اهو آسان ٿي ويندو آهي. ان جو اهو مطلب نه آهي ته ڪم جي فطرت ۽ نوعيت بدلجي ٿي، پر اهو ڪم واري ڪرڻ اسان جي صلاحيت بدلجي ٿي ۽ بهتر ٿئي ٿي. خواب ڪاميابيءَ جا ٻج آهن ۽ استقامت ڪاميابيءَ جي ڪنجي (Key) آهي. سنگ مرمر هڪ سخت پٿر آهي، پر ننڍڙو پاڻيءَ جو ڦڙو جيڪو ان تي مسلسل ڪرندو رهي ٿو، ان ۾ سوراخ ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن منصوبو شروع ڪريو ته پوءِ ثابت قدم ۽ مستقل مزاج رهو ۽ ان وقت تائين ساهي نه پٽيو يا دم نه وٺو، جيستائين ڪامياب نه ٿيو. ڪاميابي ميلن ۾ نه بلڪه انچن ۾ حاصل ٿيندي آهي. ڪاميابيءَ جي سفر ۾ ڪوشش ترڪ ڪرڻ يا ڇڏڻ جي گنجائش (Option) شروع کان ئي ناهي. مطلب ته دستبرداريءَ واري خيال کان ئي دستبردار ٿي وڃو. ڪاميابي توهان جا قدم چمندي. دنيا جو سڀ کان وڏو انقلاب حضور ڪريم ﷺ آندو، جنهن ۾ 23 سال لڳا. دنيا ۾ استقامت جو انهيءَ کان وڏو مثال شايد ئي ڪو ٻيو هجي. ڪاميابي ۽ دولت ڪڏهن به يڪدم حاصل نه ٿي ٿئي، بلڪه قدم به قدم حاصل ٿيندي آهي. عظيم ڪاميابيءَ ۾ 10 کان 20 سال لڳي وڃن ٿا. ڪاميابيءَ جي لاءِ ثابت قدميءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي اهم شيءَ ناهي. ثابت قدميءَ جو ڪو به متبادل نه آهي، نه قابليت. ڇو ته قابل، پر ناڪام ماڻهن سان دنيا ڀري پئي آهي، ذهانت به مبتادل ناهي، ڪيترائي ذهين ماڻهو غربت ۽ بدحاليءَ واري زندگي گذاري رهيا آهن، تعليم کي به مُتبادل نٿا چئي سگهون. ڇو جو لکين تعليم يافته ماڻهو بيڪار پيا ڦرن، محنت به مُبتادل نٿي ٿي سگهي. مزدورن کان وڌيڪ محنت ڪير ٿو ڪري، پر انهن کي هڪ ويلو مانيءَ جو به مشڪل سان ٿو ملي. تڏهن ته لکيو اٿم ته ثابت قدمي جو ڪوبه متبادل ناهي. ڪاميابي ان کي ملندي جيڪو ثابت قدم رهندو. تنهنڪري جڏهن ڪا شيءِ وٺڻ وڃو ته ان وقت تائين واپس نه موٽو، جيستائين ان کي حاصل نه ڪريو. پهرئين ڏينهن کان سوچي ڇڏيو ته غير معمولي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ توهان کي ڊگهو سفر ڪرڻو پوندو، ڊگهو وقت انتظار ڪرڻو پوندو. ماڻهن جي اڪثريت پهرئين مخالفت ڏسي ڪري هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندا آهن، ڪوشش ترڪ ڪري ڇڏين ٿا ۽ ناڪام ٿين ٿا. جڏهن ته ڪامياب ماڻهو ڪڏهن به ڪوشش نه ڇڏيندا آهن ۽ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته، Winners never quit and quitters never win يعني فاتح ڪڏهن به ڪوشش ڪرڻ نه ڇڏيندا آهن ۽ ڪوشش ترڪ/ ڇڏڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا آهن. غير مستقل مزاجي ناڪاميءَ جي سڀ کان وڏو سبب آهي، جنهن تي شديد خواهش ۽ ڪاميابيءَ جي تڙپ سان ان تي قابو پائي سگهجي ٿو. ثابت قدميءَ جي عادت ناڪاميءَ جي خلاف انشورنس وانگر ڪم ڪندي آهي. ڪاميابيءَ جي لاءِ واحد خاصيت جيڪا ٻين سڀني خاصيتن کان اهم آهي، اها آهي ”صبر“ (Patience). توهان ان وقت تائين ناڪام نه ٿيندا، جيستائين بي صبري نه ڏيکاريو. ڪاميابي صبر گهري ٿي، ان لاءِ ميان محمد رحمة الله عليه تمام خوبصورت شعر چيو آهي: ”صبر دا ڦل مٺا هوندا ته بي صبرا ڦل کوڙا منزل نون او ڀانئين سڪدا جهڙا پي جاندا اي سوڙا“ ثابت قدميءَ جي سڀ کان وڏي دشمن بي صبري آهي. عظيم مؤجد ايڊيسن 50 هزار دفعا ناڪام ٿيو. پنهنجي ناڪامين تي ايڊيسن تبصرو ڪندي چيو ته ”مون کي ڪامياب ٿيڻو هو، ڇو جو اهي سڀ طريقا ختم ٿي ويا، جيڪي ناڪام ٿيڻا هئا ته پوءِ مون کي اهي طريقا اختيار ڪرڻا پيا، جيڪي ڪامياب ٿيڻا هئا“ مطلب ته هو پنهنجي مقصد تي ثابت قدم رهيو. عظيم خوابن جي تعبير 10 گزن جي فاصلي تي نه، پر ڪيترائي ميل پري هوندي آهي. جيڪڏهن توهان وٽ يقين ۽ ثابت قدمي آهي ته هر شيءَ ممڪن آهي. دنيا ۾ تقريبن ڪو به اهڙو مسئلو نه آهي، جيڪو صبر سان حل نه ڪري سگهجي. ڪنهن به ڪاميابيءَ جي لاءِ صبر جي ضرورت هوندي آهي. توهان ايستائين ناڪام نه ٿا ٿي سگهو جيستائين بي صبري نه ڏيکاريو. حالتون ڀلي ڪيتريون به خراب هجن، ڪڏهن به پنهنجي مقصد تان هٿ نه کڻو. هر مسئلي جو ڪو نه ڪو حل ضرور هوندو آهي، ان کانسواءِ حالتون هن کان وڌيڪ ڇا خراب هونديون؟ هونئن به سائيڪل هلائڻ سکڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته توهان ڪرندا رهو، ڪوشش ڪندا رهو ۽ ڪڏهن به ڪوشش ڪرڻ نه ڇڏيو. دنيا انهن جي ئي آهي جيڪي صبر سان گڏ مستقل مزاج رهندا آهن. هر ڪم يا پراجيڪٽ ۾ هڪ اهڙو وقت ايندو آهي، جنهن مهل توهان کي انتظار کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪرڻو هوندو، صرف انتظار. ان صورت ۾ خطرو هوندو آهي ته ڪٿي توهان مقصد کان دستبردار نه ٿي وڃو. ڪوشش ترڪ نه ڪري ڇڏيو. ثابت قدمي هڪ ذهني حالت آهي، توهان ان جي تربيت ڪري سگهو ٿا. پنهنجو پاڻ کي ياد ڏياريندا رهو ته ناڪامي ڪو انتخاب (Option) نه آهي، هٿيار ڪڏهن به ڦٽا نه ڪريو، ثابت قدم رهو، ڪوشش ڪرڻ ڪڏهن به نه ڇڏيو. فاتح ڪڏهن به ڪوشش ڪرڻ نه ڇڏيندا آهن. شاهه سائينءَ جي مطابق ته: ”پاڻهئي ايندم هوت پر آءٌ به ڪجهه اڳڀري ٿيان“