• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گم ٿيل ائنڊرائيڊ موبائيل کي ڪيئن ڳولجي...؟

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
السلام عليڪم
jtqf.png
ائنڊرائيڊ ڊوائيس مينيجر:ايپل آئي او ايس ۾ فائنڊ ما۽ آئي فون آپشن هوندو آهي.
اهڙي طرح ائنڊرائيڊ ڊوائيس مينيجر به فائنڊ ما ائنڊرائيڊ آهي.

هن فيچر جي ذريعي پنهنجو موبائيل ڳولي سگهو ٿا.ان کان علاوه هن ۾ ٻيا به فيچر آهن.جيڪي هي آهن.

Locate
rename
Erase
Ring

سڀ کان پهرين پنهنجي ائنڊرائيڊ سيٽ مان گوگل سيٽنگ ۾ وڃي ڪري ائنڊرائيڊ ڊوائيس مينيجر کي سليڪٽ ڪريو
androidpit-android-device-manager-1.jpg
پو "Allow remote factory reset کي ٽڪ لڳائي ڪري Activate ڪريو.
Enable_Android_Device_Manager.png

هاڻي توهان جو ائنڊرائيڊ ڊوايئس مينيجر آپشن ايڪٽويٽ ٿي ويو آهي.
هاڻي توهان پنهنجي گم ٿيل موبائيل کي ڪنٽورل ڪري سگهو ٿا.پر اهو ڪيئن...؟
اچو ته اهو به سيکاريون
توهان پنهنجي ڪميپوٽر تي هيٺ ڏنل لنڪ کولي ڪري اتي جي ميل آئي ڊي ڏيو جيڪا توهان پنهنجي ائنڊرائيد ۾ استعمال ڪريو پيا.

پو توهان کي جلد ائنڊرائيڊ ڊوائيس مينيجر ڏانهن وٺي ويندو جتي توهان جو سيٽ هوندو.

adm-featured.png


Ring جي ذريعي توهان جو سيٽ لڳاتار 5 منٽ رنگ ڪندو هن سان توهان کي رکيل فون وسري ويو هجي ته پو هي آپشن بهترين آ.
wkur.png
erase هن فنڪشن ذريعي توهان پنهنجي گم ٿيل سيٽ جي سموري ڊيٽا جهڙوڪ ايس ايم ايس،نمبر ڪانٽيڪٽ،يا ٻي ڪا ڊيٽا وائپ ڪري سگهو ٿا
vvxg.png

Rename هن آپشن ذريعي پنهنجي سيٽ جو ڊسپلي جو نالو تبديل ڪري سگهو ٿا.
1vpa.png
location هن آپشن جي ذريعي توهان پنهنجي سيٽ جي موجوده لوڪيشن معلوم ڪري سگهو ٿا
2a619fo.jpg

نوٽ:انٽرنيٽ جو ڪنيڪٽ هجڻ لازمي آ.ڪنيڪٽ نه هجڻ سا فون نه اريس ٿيندو نه ئي وري رنگ ڪندو.
وڌيڪ سمجھ ۾ نه اچي ته پڇي سگهو ٿا
اميد ته سمجھ ۾ اچي ويو هوندو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
واه واه.. پر موبائل جو انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ هجڻ ضروري آهي نه؟ هاڻي اسان مان گهڻن وٽ موبائل مسلسل انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ هوندي آهي؟
 
اڳ ۾ مون هڪ ايپليڪيشن ڏٺي هئي وهسٽل فون فائنڊر (سيٽي سان فون ڳولهيندڙ) سوچيم فورم تي رکڻ کان اڳ پاڻ آزمائجي.. آزمايم پر بيڪار نڪتي.. آئون سيٽيون هڻي هڻي ٿڪجي پوان اڌ ڪلاڪ کان پو رنگ وڄي ته اباهي وٺ فون.. :)
 
واه واه.. پر موبائل جو انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ هجڻ ضروري آهي نه؟ هاڻي اسان مان گهڻن وٽ موبائل مسلسل انٽرنيٽ سان ڪنيڪٽ هوندي آهي؟
معاف ڪجو هي موضوع تڪڙ ۾ موڪيلو.ان جو سبب بجلي جي جهٽڪن ۽ بجلي وڃڻ جو ڊپ هيو.نه ته موضوع ۾ ئي انٽرنيٽ هجڻ جو ذڪر ڪيان ها.

جي ها انٽرنيٽ جو ڪنيڪٽ هجڻ لازمي آ.ڪنيڪٽ نه هجڻ سا فون نه اريس ٿيندو نه ئي وري رنگ ڪندو.
 
تمام سٺو ليک.
پر اڪثر ڪري اهو ٿيندو آهي جو سيٽ ان وقت چوري ٿي ويندو آهي جڏهن سيٽ ۾ نيٽ آف ٿيل هجي.
ان جو ڪو حل؟
موبا ئل چوري ٿيڻ کانپوءِ استعمال ڪرڻ وارو نيٽ کان بغير رھي سگھندو ڇا اينرائڊ جي چوري آ اينرائيڊ مطلب نيٽ جي ويجھو ويجھو.:p
 
Back
Top